وفاق جي نااهلي سبب سنڌ ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي پوسٽون خالي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ وفاق جي ماتحت ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي اهم پوسٽون خالي پيل آهن، جنهن سبب ڪم رولڙي جو شڪار آهن.

صوبي ۾ وفاق طرفان اهم عهدن تي مقرريون نه ڪرڻ سبب تاثر ڏنو پيو وڃي ته وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪري رهي آهي، ڇو ته سنڌ جا ڪيترائي اميدوار پڻ وفاق جي ان عمل سبب پريشاني ۾ ورتل آهن ۽ انهن جي حق تلفي ٿي رهي آهي.

صوبي ۾ هن وقت وفاقي حڪومت/پي اي ايس آفيسرن جي مختلف گريڊن جون 125 پوسٽون خالي آهن، اهڙو انڪشاف سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايس اينڊ جي اي ڊي ڪيڊر پوسٽ جي مقوليت (ري اسٽرڪچرنگ) تي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ ۾  وفاقي حڪومت/پي اي ايس جي گريڊ بي ايس 21 جون 16 پوسٽون آهن پر رڳو 5 ڏنيون ويون آهن، 11 خالي آهن.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گريڊ بي ايس 20 جون 67 پوسٽون آهن پر 19 ڪم ڪري رهيا آهن، 48 خالي آهن، گريڊ بي ايس 19 جون 59 پوسٽون آهن پي 25 ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 34 خالي آهن، گريڊ بي ايس 18 جون 85 پوسٽون آهن پر 53 ڪم ڪري رهيا آهن، 32 خالي آهن.

شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ وفاقي حڪومت/پي اي ايس آفيسرن جي مختلف گريڊن جون 125 پوسٽون خالي آهن، جنهن سبب ڪم متاثر ٿي رهيو آهي.

ڪابينا پي اينڊ ڊي چيئرمين، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سي ايم آءِ ٽي، اي سي اي چيئرمين ۽ ڪمشنر ڪراچي کي پوسٽون فلٽنگ ڪري ڇڏيون، مطلب هاڻ جيڪي گريڊ بي ايس 21 جون پوسٽون آهن، اتي گريڊ بي ايس 20 جي آفيسرن کي به لڳائي سگهبو.

اجلاس ۾ گريڊ بي ايس 20 جي 47 پوسٽن کي به فلٽنگ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، هاڻ گريڊ بي ايس 18 جي سينيئر آفيسرن کي گريڊ بي ايس 20 جي پوسٽن تي لڳايو ويندو، ائين آفيسرن جي کوٽ کي پورو ڪيو ويندو ته جيئن ڪم متاثر نه ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.