ڏھرڪي ، ڳڙھي خيرو ، ڪنڊيارو ، ڪراچي ۽ ڳڙھي خيرو جون خبرون

ڏهرڪي شهر جي وچ بازار ۾ موٽر سائيڪل بيهارڻ تان جهيڙو، دڪاندار زخمي

ڳڙھي خيرو ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ چنگجي رڪشي ۾ ٽڪر ،4 ڄڻا زخمي

ڪنڊيارو:پي پي ايڇ آءِ نوشھروفيروز پاران ڳوٺن ۾ ڪورونا ويڪسين لاءِ ڪيمپون قائم

29 اگسٽ تي ڪراچي ۾ تاريخي جلسو ڪيو ويندو:راشد محمود سومرو

ڳڙھي خيرو  ڀرسان ميرانپور ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروڪاري تڪرار تان ٻٽو قتل

1

ڏهرڪي شهر جي وچ بازار ۾ موٽر سائيڪل بيهارڻ جي  معاملي  تي دوڪاندار وڪي ڪمار تي حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو ، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو ، اسپتال ۾ دانهيندي زخمي وڪي ڪمار ٻڌايو ته سندس دوڪان جي سامهون شفيع سويتري جا پٽ موٽر سائيڪل بيهاريندا هئا ،هن کين چيو ته منهنجي روزي ۾ فرق پوي ٿو،  موٽر سائيڪل ٿوري پري ڪيو جنهن تي مڇرجي شفيع جي پٽن فرحان ڪامران ۽ فدا  کيس  شيشي واري بوتلون وهائي ڪڍيون ۽ هو زخمي ٿي پيوم  ڏهرڪي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي ويئي آھي .

2

ڳڙھي خيرو لڳ جيڪب آباد روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ چنگجي رڪشو جو آمھون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي  ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ محب علي بروھي، الله بخش بروھي، نذير حسين بروھي  ۽ غلام حسين بروھي   شامل آهن .

3

پي پي ايڇ آء نوشھروفيروز پاران يونين ڪائونسل گهانگهرا ۽ يونين ڪائونسل غلام شاهه جي مختلف ڳوٺن پڪا گهانگهرا،جيئوخان گهانگهرو،ماڪوڙو گهانگهرو،راول گهانگهرو،پپري ۽ صالح پور ۾ سوشل آرگنائيزر منور ڪليري ، ڊاڪٽر منير چنه،ڊاڪٽر عبدالحفيظ منگي ۽ ڊاڪٽر منير ميمڻ جي نگراني ۾ ڪورونا مرض کا بچاء واري ويڪسين  جون ڪيمپون لڳايون ويون۔ڪيمپن ۾ پي پي ايڇ آء ٽيم ميمبرن فاروق علي گهانگهرو،اعجاز ٻڌ،نويد ابڙو،عبدالستار لاکير ۽ شمس الدين شاهه ويڪسين بابت ڄاڻ ڏني ،ان موقعي تي ٽيم ۾ ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پي پي ايڇ آء حڪومت جي سهڪار سان عوام لاء صحت جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري رهي آھي

4

جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو چيو آهي ته  پي پي سنڌ جي تعليمي ۽ ٻين ادارن کي تباھ ڪيو آھي ، حڪمرانن خلاف 29 اگسٽ تي ڪراچي ۾ استحڪام پاڪستان ۽ حقوق سنڌ جي نالي سان جلسو ڪيو ويندو جنهن ۾ سڀني ماڻهن کي ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا، ڪراچي جي علائقي نئين ڪراچي خميسو ڳوٺ ۾عوامي ميڙ کي خطاب کان پوء پريس ڪانفرنس ڪندي راشد محمود سومري حڪومتي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي ، سندس  وڌيڪ چوڻ هو ته   عوامي طاقت سان ظالم حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪنداسين.

5

ڳڙھي خيرو  ڀرسان ميرانپور ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروڪاري تڪرار تان نوجوان ۽ ناري کي قتل ڪيو ويو،  ڳوٺ ميوو خان سناڻي ۾ جوابدار زاھد مسمات (س) کي الله داد عرف رنبو سان ڪاري جو الزام ڏئي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته واقعي جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو،  پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال کڻائي آئي ، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ  لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،  جوابدار زاھد سناڻي موقعي تان  فرار ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.