قمبر ۾ ميروخان ڊرين جو پاڻي وارھ برانچ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

قمبر ۾ ميروخان ڊرين جو پاڻي وارھ برانچ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف جاگير جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين  پاران پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن دوست علي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي آبادگارن محمد علي چانڊيو ، سراج چانڊيو، اربيلو چانڊيو ، الله رکيو چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سم جي پاڻي تي هزارين ايڪڙ زرعي زمين آباد ٿئي ٿي ، حڪومتي ڌر جا بااثر وڏيرا ۽ چيف انجنيئر آبادي ڪرڻ ڪو نه پيا ڏين ، هنن الزام هنيو  ته چيف انجنيئر ڊرين جا موٽر بند ڪري جاگير واري علائقي کي سڪائڻ رهيو آهي  جيڪو هارين جي معاشي قتل  برابر  آهي، هنن چيو ته  اھڙو عمل بند ڪيو وڃي ٻِي صورت ۾نيشنل هاءِ وي سميت چيف انجنيئر جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.