ڪراچي ۾ ڪورونا کانپوءِ ٻي موتمار بيماري پکڙجڻ جو انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا جي عالمي وبا جا سڄي دنيا ۾ حملا جاري آهن ۽ ان جي خطرناڪ چوٿين لهر پاڪستان ۾ به تيزيءَ سان ماڻهن کي متاثر ڪري رهي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 4075 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ 91 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ ڪورونا جي مجموعي ڪيسن جو انگ 11 لک 31 هزار 659، جڏهن ته فوتين جو گڏيل انگ 25 هزار 94 ٿي ويو آهي.

ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان اڄ نين پابندين جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 15 سيپٽمبر تائين ويڪسين جو هڪ ڊوز سڀني لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

ڪورونا وبا جتي سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي، اتي ئي وري ڪراچي ۾ ڪورونا کانپوءِ ٻي موتمار بيماري پکڙجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

سنڌ ۾ وچڙندڙ مرضن بابت ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي لاڙڪاڻي کانپوءِ ڪراچي ۾ به ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي موجب ڪراچي ۾ ايڇ آءِ وي جا 6 هزار 768 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن ۽ سينٽرل ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي 2 هزار 725 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

اهڙي ريت ڏکڻ ضلعي ۾ هڪ هزار 35 ڪيس، اولهه ۾ 998، ڪورنگي ۾ 907، ملير ۾ 667، اوڀر ۾ 436 ڪيس سامهون آيا آهن.

هن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ ڪُل ڪيسن جو انگ 2 هزار 430 آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڪ هزار 89 ڪيس آهن، سنڌ ۾ ايڇ آءِ وي مريضن جو انگ 70 کان 78 هزار آهي، جن مان رڳو 13 هزار 864 مريض رجسٽرڊ آهن.

سندس چوڻ هو ته مريضن ۾ 9166 مرد، 2461 عورتون، 1126 ڇوڪرا ۽ 730 ڇوڪريون شامل آهن، جڏهن ته 421 کدڙا فقير به متاثر آهن، بيماري سبب هيل تائين هڪ هزار 939 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي ٻڌايو ته مرض پکڙجڻ جو وڏو سبب غير محفوظ رت جي منتقلي آهي، استعمال ٿيل سرنجرز، عطائي ڊاڪٽرن جو وڏو انگ ان جو سبب آهي، سنڌ جو صحت کاتو ايڇ آءِ وي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهي، روڪٿام لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته جيلن ۾ ايڇ آءِ وي جي قيدين جو علاج ٿيندو آهي، آزادي کانپوءِ انهن جو علاج اهڙو ناهي ٿيندو، جهڙو جيلن ۾ ٿيندو آهي، ان ڏس ۾ جيل اختيارين کي به خط لکيو آهي ته آزاد ٿيندڙ قيدين جي ڊيٽا اسان سان شيئر ڪئي وڃي ته جيئن انهن جو ٻاهر به اهڙو ئي علاج جاري رکي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.