ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن لاءِ خوشخبري

ٻڌڻ جي سگھه کان  محروم ماڻهن جو علاج هڪ پيچيده عمل آهي، ڪن جي پردي جي علاج لاءِ ڪن جي پٺيان سنهڙو سوراخ به ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا آپريشن ناڪام به ٿي ويندو آهي.

پر  هاڻ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آهي.

سائنسدان ٿري ڊي پرنٽر جي مدد سان انتهائي حساس ڪن جو مصنوعي پردو تيار ڪري ورتو آهي جنهن سان ٻڌڻ جي قوت بحال ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

هڪ تحقيقي رپورٽ موجب ڪن جي اندر هڪ سنهڙو پردو هوندو آهي جنهن سان آواز جون لهرون ٽڪرائبيون آهن جنهن کي دماغ پروسيس ڪري اسان کي اهو آواز ٻڌائيندو آهي.

رپورٽ موجب جيڪڏهن ان پردي کي نقصان پهچي ته آواز ٻڌڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، هارورڊ جي ماهرن فونوگرافٽ نالي ٿري ڊي پرنٽڊ پردو ٺاهيو آهي جنهن جي واپاري پيماني تي تياري شروع ڪئي وئي آهي.

ان پردي کي طبي ٻولي ۾ ٽمپينگ ميمبرين (جهلي) به چيو ويندو آهي جيڪو گھڻو سنهڙو ۽ گول هوندو آهي.

تمام گھڻو دٻاءُ ۽ زوردار آواز ان کي متاثر ڪندو آهي جنهن سبب انسان جي ٻوڙي ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويندو آهي .

ان جو روايتي علاج ته ٽمپينوپلاسٽي آهي جنهن ۾ مريض جي پنهنجي جسم جي کَل سان ڪن جي پردي جي مرمت ڪئي ويندي آهي. پر هر ڀيري ان سان فائدو ناهي ٿيندو.

انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ فونوگرافٽ بڻايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.