سجاول جي واهن ۾ پاڻي کوٽ، فصل تباهه، آبادگارن جو ڌرڻو

سجاول )رپورٽ:امتياز علي سومرو( سجاول جي شورواھ ڪينجهر مائينر ۽ ننڍي گونگڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مقامي آبادگارن جو حاجي قادر بخش لغاري ھاشم ملاح  جي اڳواڻي ۾ باء پاس کان ريلي ڪڍي  ايريگيشن آفيس سجاول اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھڻي پاڻي جي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي انھي موقعي احتجاج ڪندڙ آبادگارن ٻڌايو ته  سجاول جو آبپاشي کاتي جو انجنيئر وڏيرن جي ونگار وھي رھيو آھي  ھنن چيو ته پاڻي نه اڃڻ سبب اسانجون زمينون بنجر بنجي ويون آھن ۽ اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي  جنهنڪري اسين سخت پريشان بڻجي ويا آھيون آبادگارن چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ پاڻي جي کوٽ خلاف ھتي ئي احتجاج ڪيو ھو جنھن دوران آبپاشي کاتي جي عملدارن لکت ۾ پاڻي مقرر ماپ مطابق ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ھئي ليڪن ان تي به عمل نه ڪيو ويو آهي  ھنن مطالبو ڪيو ته ڪينجهر مائنر ننڍي گونگڙي ۽ شورواھ م پاڻي ڏئي وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي ٻئي طرف آبادگارن جي مسلسل ٽن ڪلاڪن جي احتجاج دوران آبپاشي کاتي جا عملدار آفيس مان غائب رھيا جڏھن ته اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي ڌرڻي واري ھنڌ پهچي پاڻي ڏيارڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد احتجاج ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.