جوهي ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو، پاڻي وٺڻ جو وچن

جوهي ( ن ع آ ) جوهي بئراج شاخن واهن واٽرن ۾ زرعي پاڻي نه پهتو آبادگارن جي تحريڪ جاري ,ايم پي اي جوهي سيد صالح شاھ جو  واعدو آسري ۾ تبديل, آبادي ۽ زرعي پاڻي جي حاصلات لاء رت جي آخري ڦڙي تائين جدو جهد جاري رکڻ جو وچن, مرسون مرسون پاڻي گهنسو ,جا اڀ ڏاريندڙ نعره ھڻندي آبادگار امام علي رستماڻي , ميهر گاڏھي ,صفر لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان روز جي معنول جيان احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو هنيو ان موقع تي آبادگارن ڌرڻي کي خطاب ڪندي الزام هنيو آھي ته نا اهل ايري گيشن جي عملي ۽ منڍ جي با اثر کاتيدارن جو اڃاتائين جوهي واسين جي زرعي پاڻي تي قبضو برقرار آھي جنهن سبب جوهي جي پڇڙي جون سمورين  شاخن مان واري اڏامي رهي آھي هزارين ايڪڙ زرعي زمينو برباد ٿي ويون آھن ننڍا کاتيدار ۽ انهن جو خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي هنن چيو ته جوهي برانچ کي چونڊيل نمائنده ايري گيشن عملو ۽ پاڻي چور مال غنيمت سمجهي پاڻي  جي لٽ ڪري رهيا آھن ايري گيشن کاتو سنڌ اندر زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پئدا ڪري پ پ جي چونڊيل نمائندن جي سئو سيڪڙو آبادي ڪرائي رهيا آھن هنن چيو ته دريا ۾ ننڍي ٻوڏ ھجڻ جي با وجود به سنڌ سڪي پئي هنن چيو ته هاڻ پاڻي تي پاڻي ٿيندو مجنور متاثرين آبادگارن کي اگر وڌيڪ زرعي پاڻي لاء تڙپايو ويو ته ان جا خراب نتيجا نڪرندا آخر ۾ ھنن سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ,نيب سنڌ جي چيئرمين , ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته جوهي برانچ تي پاڻي چورن جو قبضو ختم ڪرائي جوهي جي پڇڙي جي شاخن ۾ زرعي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي جوهي برانچ تي رينجرز مقرر ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.