احمدپور ويجهو ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ڪانفرنس

احمدپور (ن ع آ) احمدپور ڀرسان ڪولاب جيئل ۾ حاجي مريد حسين سهتو جي رهائشگاه تي هڪ عظيم الشان شهداءِ سلام  ڪانفرنس ٿي گذري جنهن جي صدارت مولانا سراج الحسيني، ۽ خاص مهمان علام طارق خالد محمود سومرو، قاري امير علي رند، مفتي نعمت الله، حاجي مريد حسين سهتو هئا ان موقعي تي عالمن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حضرت امام حسين ۽ ان جي جانثارن جي قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، هنن چيو ته مسلمانن کي گهرجي ته حضرت محمد ضله عليه وسلم، حضرت امام حسين عليه سلام جي ڏسيل واٽ تي هلن نماز قائم ڪن ۽ پاڙي وارن سان سٺو سلوڪ ڪن انسانيت جي خدمت ڪن، جنهن سڀني مسلمانن جي ڀلائي آهي،هن عظيم الشان ڪانفرنس جو احتمام حاجي مريد حسين سهتو ڪيو هو ۽ ڪانفرنس ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جا ثقافتي تحفا پيش ڪيا ويا ۽ آخر خيرات جي ماني تقسيم ڪئي وئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.