ڪوٽ غلام محمد لڳ ٻار تلاءُ ۾ ٻڏي فوت

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽر)ڪوٽ غلام محمد لڳ ٻن ورھين جو معصوم نينگر راند ڪندي اوچتو پاڻي جي تلا ۾ ٻڏي ويو .ٻارڙن جي رڙين تي  ڀرپاسي جي ماڻھن نينگر کي ڪڍي اسپتال پھچايو .ڊاڪٽرن پاران موت جي تصديق گھر ۾ قھرام مچي ويو .خبرموجب ؛.ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ چوھدري طارق ۾ ٻن ورھين جو معصوم نينگر راجيش پٽ سترام ڪولھي گھرن ڀرسان راند ڪندي اوچتو پاڻي جي تلا ۾ ڪري پيو جنھن تي گڏ راند ڪندڙ ٻارڙن رڙيون ڪيون ته ڀرپاسي جي ماڻھن ٻڏندڙ نينگر راجيش کي ڪڍي تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي موت جي تصديق ڪئي وئي .جنھن بعد نينگر جا وارث نينگر جو لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جڏھن ته معصوم نينگر جي فوت ٿيڻ تي گھر ۾ قھرام مچي ويو آھي . ء علائقي م سوڳ واري صورتحال ڇائينجي وئي آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.