گهوٽڪي عدالت ۾ قتل ڏوهه ثابت، 4 کي عمر قيد ، هڪ بري

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ۾ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي  جج طارق ڀٽي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 4 جوابدارن هزارو ولد غوث بخش ڀيري، آدم، محمد بخش ولد سهڻو ڀيري ۽ يعقوب ولد قمرالدين ڀيري  کي عمرقيد ۽ 5_5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار علي حسن ڀيري کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو، ڄاڻايل جوابدارن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 3 سال اڳ نوجوان شاهنواز ڀيري کي قتل ڪيو هو، جنهن جو ڪيس مقتول جي والد غوث بخش ڀيري جي فرياد تي داخل ٿيل هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.