ڪرمپور لڳ هٿياربندن جي ڦرلٽ، نوجوان تي تشدد

ڪرمپور (ن ع آ ) ڪرمپور ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد بگن خان بجاراڻي  لنڪ روڊ تي پڌري قبرستان وٽ ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل سوار ٻن  نامعلوم هٿياربندن هاء اسڪول عبدالغفور بجاراڻي جي استاد مدد علي سومرو جي فرزند توقير علي سومرو کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي تشدد بعد روڪ رقم موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا واقعي جو پوليس اطلاع ٻئي طرف هاء اسڪول جي استادن جو  واقعي خلاف احتجاج واقعي جي مذمت ايس ايس پي ڪشمور کان واقعي جي نوٽيس ۽ انصاف جي گُهر ڪئي وئي, آخر ۾ ياد رهي ته نوجوان توقير علي سومرو هاء اسڪول عبدالغفور بجاراڻي کان موٽرسائيڪل ذريعي بگن خان بجاراڻي لاڙي تي ٻئي استاد کي کڻڻ وڃي رهيو هو ته واقعو پيش آيو, ڪرمپور پوليس اين سي داخل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.