افغانستان آخر پرامن ڇو ناهي ٿي سگهيو؟

تحرير: حاڪم نصيراڻي

جڏهن به مستقبل ۾ تاريخ جا طالب علم،  افغانستان جي تاريخ جي ورقن جي الٽ پلٽ ڪندا ته هن خطي مان هميشه گڏيل هندوستان ۽ موجوده پاڪستان تي ڪاهه جا قصا کين ملندا. انهن حملا آور جي حملن ۽ ظلم جي  ڪري هن پر امن ديس جي بيگناهه ماڻهن جي رت سان ڌرتي رنڱيل نظر ايندي. گهڻو پوئتي نٿا وڃون صرف ويجهي ماضي ۾ به نظر وجهنداسين ته اسان جي ڌرتي مان افغان طالبان ۽ سندن انتهاپسند سوچ جي وسايل بارود جي بدبوءِ ۽ ان سان گڏ روڊن رستن مسجدن مندرن اسڪولن ۾ پيل ڪيترن ئي معصومن ٻارن جوانن ۽ پوڙھن جا لاش نظر ايندا. ان بارود ۽ ان انتهاپسند سوچ ڪري دنيا ۾ انسانيت پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳي.

ان سوچ جي دهشت مغرب ۽ ٻين خطن توڙي مخالف نظريي جي اسلامي ملڪن کي لوڏي ڇڏيو هو. نتيجو اهو نڪتو جو ڪڏهن اهي روس جهڙي ملڪ هٿان ڪٽيا سٽيا ويا ته ڪڏهن وري آمريڪا جهڙي سفاڪ ملڪ هٿان هڪ پوري نسل وڃائي ويٺا. هر ڪنهن جي پنهنجي سوچ آھي دنيا جا مقرر اڪابر ڀل چون ته روس ۽ آمريڪا کي افغانين تڙي ڪڍيو. روس جا ٽڪرا ٽڪرا افغانين ڪيا .آمريڪا جهڙي  ملڪ جي معيشت تباهه افغانين ڪئي.آمريڪا کي افغانين ڀڄائي ڪڍيو.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته روس کي تڙي ڪڍڻ ۽ تباهه ڪرڻ ۾ ان وقت جي نئين سپر پاور آمريڪا روس سان پنهنجا پلاند ڪرڻ لاءِ  پنهنجي دوست ملڪن سان گڏجي هڪ نئون جذبه ايماني متعارف ڪرايو . عرب ملڪن سميت ڪيترن ئي روس مخالف سوچ گڏجي آمريڪا جي ونگار وهندي مذھبي رنگ ۾ رنگي روس کي افغانستان مان تڙي ڪڍيو. دنيا ڏٺو ته جهاد جي نالي تي ڏيھه توڙي پرڏيھه مان ماڻھو ائين شوق شھادت جو جذبو کڻي افغانستان ويا جئين ڪجھه وقت اڳ ماڻھو مجاهد ٿي داعش ۾ شامل پئي ٿيا.  پويان انهن مجاهدن جون سڀ ضرورتون ڪو نه ڪو پوريون ڪندو رهيو.

دنيا جي ميڊيا چڙهندڙ ڀر کي ڏسندي روس سان جنگ لاءِ  ويل ماڻھن کي مجاهد سڏڻ لڳي جنهن ۾ اسامه بن لادن به شامل هو.جڏهن اهي مجاهد آمريڪا کي اکيون ڏيکارڻ لڳا ته ساڳيا مجاهد مفاد پرست آمريڪا کي دهشتگرد پئي لڳا. آمريڪا ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي حملن کي جواز بڻائي افغانستان جي مجاهدن مٿان ڪلسٽر بمن جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ ڪابل کان طالبان ڀڄي وڃي پهاڙن ۾ رهڻ لڳا. انهيءَ سڄي عرصي اندر خطي ۾ آمريڪا مخالف سوچ کي هٿي ملندي رهي. جڏهن نئين دنيا جي نئين سوچ محسوس ڪيو ته آمريڪا کي سندن اوقات ياد ڏيارجي ته وري ساڳن ماڻھن کي نئين انداز سان متعارف ڪرائي آمريڪا ۽ سندن اتحادين کي گهر موڪلي ڇڏيو.

بهرحال هن وقت هر ملڪ کي پنهنجي سلامتي ۽ پنهنجا مفاد عزيز آھن اڳ هڪ هٽي جو رواج هيو هر اسرندڙ ملڪ جون نظرون يورپ يا آمريڪا ڏانهن هونديون هيون.مالي امداد کان وٺي  پنهنجي بقا لاءِ  هٿيار حاصل ڪرڻ لاءِ  انهن ڏوراهين ڏينهن ڏانهن نهارڻو پوندو هو. آمريڪا وري پنهنجي سرداري قائم ڪرڻ لاءِ  هر ڪنهن کي استعمال ڪندو رهيو ايتري تائين هر پاڙيسرين کي ويڙھائي پنهنجا مفاد سڌا ڪندو رهيو پر هن وقت دنيا ۾  ڏکڻ ايشيا جي اهميت وڌندي پئي وڃي ڇو ته نئين سپر پاور طور چين خطي ۾ تمام سٺي نموني اڀري آيو آھي، ان سان گڏ روس به پنهنجيون ماضي واريون رنجشون ختم ڪري چين ۽ پاڪستان سان ويجهڙائپ جي ڪوششن ۾ مصروف لڳي ٿو . ترڪي سعودي ويڇن جي ڪري ايران افغانستان ۽ وچ ايشيا جي مسلم رياستن سان قربائتا پيچ پائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف لڳو پيو آھي.

سي پيڪ منصوبي ڪري خطي ۾ پاڪستان جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آھي. ان ڪري  پاڪستان پنهنجي ازلي ويري ملڪ هندوستان جي افغانستان ۾ ويهي  ٿيندڙ سازشن کان ڇوٽڪاري لاءِ  پريشان هيو ڇو ته آمريڪي آشيرواد واري اشرف غني حڪومت جون محبتون هندوستان سان وڌيڪ هيون ان محبت جو خاتمو به ضروري هو.افغانستان ۾ ويهي هندوستان پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو. انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن آمريڪا کي تڙي ڪڍڻ ۾ جديد طالبان خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش ۾ حصو نه ورتو. نتيجو اوهان جي سامهون آھي.

هاڻوڪي طالبانن جي ڪابل ۾ ڪيل ڪاھ کان پوءِ   افغانستان ۾ غيريقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي ماڻھو پنهنجي ملڪ مان نڪرڻ لاءِ  پريشان آھن. طالبان جي ماضي وارو خوف آھي جو افغان ڄايا پنهنجي ڌرتي سان ناتو ڇني ڪنهن پرائي ديس ۾ پکڙا پيا اڏن. هن وقت تائين ڪابل ايئرپورٽ تي ماڻھن جو وڏو هجوم موجود آھي جن جي خواهش آھي ته اهي بنا ڪنهن دير جي افغانستان کان نڪري وڃن. طالبان طرفان ايئرپورٽ جو ڪنٽرول به سنڀاريو ويو آھي. پاسپورٽ ۽ ويزا وارن کي ڇڏيو پيو وڃي ۽ ٻين کي ملڪ ڇڏڻ کان روڪي رهيا آھن.

هن وقت تائين طالبان جي روين مان ائين محسوس ٿي رهيو آھي ته نوي واري ڏهاڪي واري سوچ صدي سان گڏ تبديل ڪري ويٺا آھن. جيڪڏهن ايشيا جا اهم ملڪ  چين روس پاڪستان ايران افغانستان ترڪي وچ ايشيا جي رياستن سان گڏجي ڪو اتحاد ٺاهن ٿا يا هڪ ٻي کي نقصان نه رسائڻ جو وچن ئي ڪري وجهن ته خوشحالي جو سج اڀرندو ئي هت ۽ لهندو به هت. ان عمل کان پوءِ  سڄي دنيا هن خطي مان پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪندي. ان لاءِ  ٻيا ملڪ ته پاڻ پنهنجن مسئلن کي منهن ڏين ٿا بس صرف افغانستان پرامن ۽ مستحڪم رهي. افغانستان جي ڌرتي ماضي جيان پاڙيسرين لاءِ  سازش طور استعمال نه ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.