پاڪستاني فوج سبب طالبان کي ڪاميابي ملي: آمريڪي ڪانگريس ميمبر

واشنگٽن (اي پي پي) امريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد خان آمريڪي ڪانگريس جي ريپبلڪن ميمبر مائيڪ والٽز جي ان دعويٰ کي رد ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته پاڪستاني فوج جي حڪمت عملي افغان  فوج جي طالبان هٿان شڪست جو سبب بڻي آهي. هوڏانهن آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر نالي لکيل خط ۾ چيو آهي ته حقيقت ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي بنيادي دلچسپي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي ته افغانستان ٻيهر دهشتگرد گروپن جو ڳڙهه نه بڻجي. پاڪستاني سفير افغانستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ اڳوڻي آمريڪي فوجي آفيسر مائيڪ والٽز جي آمريڪي صدر جوبائيڊن جي نالي لکيل ان خط جي رد عمل جو اظهار ڪيو جنهن ۾ مائيڪ والٽز افغانستان ۾ صدر اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد دعويٰ ڪئي ته پاڪستاني فوج جي ڏنل حڪمت عملي افغان فوج جي طالبان هٿان شڪست جو سبب بڻي آهي. پاڪستاني سفير چيو ته وڏي بدقسمتي جي ڳالهه اهي ته مائيڪ والٽز خط ۾  افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار کي غلط طور تي پيش ڪيو آهي. هن مائيڪ والٽز کي مخاطب ٿيندي چيو ته فوج جي ملازمت ڪندڙ هر شخص ڄاڻي ٿو ته ڪرپٽ ۽ عياش قيادت ۾ فوجي دل شڪسته ٿي ويندا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.