سنڌ جو آدم شماري تي وفاق سان تڪرار، پارليامينٽ اجلاس لاءِ اسپيڪر کي خط

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت مردم شماري جي نتيجن جو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر وفاق آڏو رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت جي  ذريعن موجب سنڌ حڪومت نتيجن خلاف مئي ۾ ريفرنس پارليامينٽ کي موڪليو هو، 3 مهينا گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت جي ريفرنس تي گڏيل اجلاس نه گهرايو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ٻيهر پارليامينٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب وڏو وزير مردم شماري بابت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي تي قومي اسيمبلي اسپيڪر کي هڪ ٻيو خط لکندو. پاڪستان جي آئين جي شق 154 تحت صوبائي حڪومت گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو فيصلو پارليامينٽ ۾ چئلينج ڪري سگهي ٿي. ذريعن چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو ٻيو خط هلندڙ هفتي سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر کي موڪليو ويندو. سنڌ ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل مڪاني تڪ بندين تي به خدشن جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي اعتراضن سبب مڪاني تڪ بنديون ۽ چونڊون دير جو شڪار آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.