نئين ميڊيا اٿارٽي تحت چينلن تي 25 ڪروڙ تائين ڏنڊ لاڳو ٿيندو: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چيو آهي ته تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) تحت ٽي وي  چينلن تي 25 ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪري سگهجي ٿو جتي ان کان اڳ موجود قانونن تحت چينلن تي 10 لک رپيا ڏنڊ هوندو هو. سومر ڏهاڙي تي ڊجيٽل براڊ ڪاسٽرز سان گڏ هڪ بيان ۾ وفاقي زوير نشاندهي ڪئي ته پاڪستان اليڪٽرڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي(پيمرا) هڪ امير ادارو هو پر بدقسمتي سان هن پنهنجي قائم ٿيڻ کان هن وقت تائين صحافين جي تربيت، تحقيق ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ست قانون موجود آهن، سوشل ميڊيا کي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ذريعي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، پريس جو انتظام پريس ڪونسل وٽ آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيمرا ڏسندو آهي، ليبر ريگوليشنر تي عمل ڪرڻ لاءِ اخبارن جي ملازمن لاءِ ڪو ٽربيونل (آئي ٽي اين اي) ڏسندو آهي، جڏهن ته آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن (اي بي سي) اخبار جي رجسٽريشن واري معاملن تي نظر رکندو آهي.فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته تجويز ڪيل قانونن ۾ ڏوهاري ذميواري جي ڪا به گنجائش ناهي پر ان جي تحت 25 ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪري سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته سينسر بورڊ به ٽوڙيو ويندو ۽ ان جي جاءِ هڪ نئون ادارو بورڊ آف فلمز سينسر قائم ڪيو ويندو.سندس چوڻ هو ته ميڊيا ٽربيونل جا فيصلا حتمي هوندا ۽ انهن کي رڳو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ئي چيلينج ڪري سگهجي ٿو.پنهنجي ريگوليٽري ڪم کانسواءِ اٿارٽي ميڊيا ملازمن جي پگهارن جي حوالي سان تڪرارن کي حل ڪندي پگهارون مقرر ڪرڻ جي حوالي سان غور ڪندي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.