سوسائٽي فراڊ ڪيس، ريفرنس بابت فيصلو نه ڪرڻ تي نيب خلاف ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سوسائٽي جي نالي تي فراڊ ۽ سرڪاري  زمينن جي چائنا ڪٽنگ معاملي ۾ جوابدار آدم جوکئي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو حتمي فيصلو نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .عدالت چئيرمين نيب کي ڇهن هفتن ۾ جوابدار آدم جوکئي تي ريفرنس جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس ڪي ڪي آغا حڪم ڏنو ته عدالتي حڪم نامي جي ڪاپي چئيرمين نيب کي موڪلي وڃي .03

ڪراچي ۾ ميڊيڪل مارڪيٽ کي ٻيهرکاٽ، چور 20 لک کڻي ويا

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ چوري جي وڏي واردات، ايم اي جناح روڊ ويجهو واقع ميڊيسن مارڪيٽ مان چور 6 دڪانن جا تالا ٽوڙي  اتان لکين رپيا روڪ کڻي ويا. پوليس موجب ايم جناح روڊ تي واقع ميڊيسن مارڪيٽ ۾ هول سيل جي 5 دڪانن ۽ هڪ گدام جا چورن تالا ٽوڙي واردات ڪئي. رات جي وقت ٿيل چوري ۾ چور 20 لک کان وڌيڪ رقم کڻي ويا، چورن دڪانن مان دوا يا ٻئي ڪنهن به سامان جي چوري نه ڪئي. ٻئي پاسي هول سيل ڪراچي فارما آر گنائيزيشن جي سيڪريٽري اسلم پوني والا ٻڌايو ته چورن سچل ميڊيڪوز، موساڻي ميڊيڪوز، ايف اينڊ ايڇ ميڊيڪوز، نوراني ميڊيڪوز ۽ ميڊي سروسز  جي دڪانن مان چوري ڪئي. رسالا پوليس موجب 3 ميهنا اڳ به ساڳي مارڪيٽ مان چوري ٿي هئي، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا ويا آهن، چور جلد گرفتار ڪبا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.