هر ضلعي مان اهم شخصيتن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرائيندس: ارباب رحيم

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پي ٽي آءِ جي پوليٽيڪل ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ڪراچي ايئرپورٽ تي پيپلز  مسلم ليگ جي عهديدارن ڪارڪنن، ووٽرن، همدردن ۽ چاهيندڙن سميت گڏ ٿيل هزارين ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آئون انهن سڀني دوستن ساٿين عوام جو بي حد مشڪور آهيان جن مونکي پي ٽي آئي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چوندي مبارڪباد ڏني آهي، ڪجھه وقت پهرين ٽنڊو محمد خان ۾ مخالفن طرفان ڪريل حرڪت ڪرڻ تي سڄي سنڌ منهنجي حمايت ۾ سراپا احتجاج بڻجي رستن تي نڪري مخالفن کي منهن توڙ جواب ڏنو مان انهن سڀني دوستن جو به ٿورائتو آهيان ، هن چيو ته  پي ٽي آئي کي ڪامياب ڪرائڻ کان سواءِ سنڌ لاءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آئي ۽ ان جا اتحادي هم خيال دوست گڏجي اليڪشن وڙهندا ۽ سنڌ مان مخالفن جو ھميشه لاءِ خاتمو آڻيندا سنڌ جي عوام طرفان وڏي موٽ ملڻ جي ڪري مخالفن جون ننڊون ڦٽي ويون آهن بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن عمران خان جلد سنڌ اندر به چورن لٽيرن جو صفايو ڪندو سندن پيٽ مان چورايل قومي ناڻو پيٽ چيري ڪڍي وٺندو هن چيو ته آئون هاڻي به جلد سنڌ جي هر هڪ ضلعي ۾ ويندس اتي جي خاص خاص ماڻهن سياستدانن اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪري انهن کي جلد پي ٽي آئي ۾ شموليتون ڪرائيندس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.