”سنڌ سان مشاورت ناهي ڪئي ويندي، سي سي آءِ جا فيصلا ٻيو ڪو تبديل نٿو ڪري سگهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته پاور ڊويزن طرفان سنڌ سان ڪيل واعدا پورا ناهن ٿيندا، وفاق جي روين سان بي اعتمادي ۽ بدگماني پيدا ٿي رهي آهي.

وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ڪيبينيٽ ڪميٽي آن انرجي اجلاس ۾ امتياز شيخ ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ چئني صوبن جا سينيئر ترين آفيسرن به شريڪ ٿيا.

امتياز شيخ توانائي مسئلن تي سنڌ جو موقف پيش ڪندي چيو ته سنڌ جا مطالبا مشاورت ذريعي حل ڪيا وڃن، سنڌ سان بامعنيٰ مشاورت ناهي ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت کي سنڌ جي ڏکيائين جو اندازو ناهي.

هن چيو ته سنڌ جا ڪيٽيگري 3 جا ونڊ پاور پلانٽ منظور نه پيا ڪيا وڃن، ٿر ۾ اوريڪل جو سي پيڪ پاور پراجيڪٽ به شامل نه پيو ٿئي، 4 سال ٿي ويا سنڌ جي سولر پاور پراجيڪٽ تي ڪم نه پيو ٿئي.

سندس چوڻ هو ته آءِ جي سي اي پي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي پراجيڪٽن کي شامل نه پيو ڪيو وڃي، متبادل ۽ قابل تجديد توانائي تي سنڌ جو موقف نه پيو ٻڌو وڃي، سنڌ جي گهٽ ترين لاڳت وارن منصوبن کي منظور نه پيو ڪيو وڃي، سنڌ جو ايڪنڪ مان منظور ٿيل مانجهند جو گهٽ ترين لاڳت وارو پاور پراجيڪٽ به اڃا تائين دير جو شڪار آهي.

امتياز شيخ چيو ته سنڌ کي ڪنهن صوبي جي ڪنهن پراجيڪٽ تي اعتراض ناهي پر گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ طئي ٿيل پاليسين تي سي سي آءِ اجلاس ۾ ئي تبديلي آڻي سگهجي ٿي، سي سي آءِ اجلاس جي فيصلن کي ٻيو ڪو تبديل نٿو ڪري سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.