مرضيءَ جو گانو نه هلائڻ تي ڪنوار شادي ۾ ئي شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

 

شادي جو ڏينهن هر ڪنهن لاءِ زندگي جو يادگار ڏينهن هوندو آهي، ان ڏينهن جون ماڻهو ڪيترن ئي مهينن ۽ سالن کان تياريون ڪندا آهن پر شادي دوران جڏهن ڪجهه به مرضيءَ جي ابتڙ ٿي وڃي ته ڪاوڙ فطري آهي.

گهڻي ڀاڱي انٽرنيٽ تي شادي جون عجيب ويڊيوز سامهون اينديون رهنديون آهن، اهڙي ئي هڪ عجيب ويڊيو ڀارت جي به وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڪنوار مرضيءَ جو گانو نه هلائڻ تي شادي تقريب ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو.

”دي ويڊنگ بريگيڊ“ نالي انسٽاگرام پيج هڪ انتهائي دلچسپ ويڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪاوڙيل ڪنوار پنهنجي گهرڀاتين ۽ دوستن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

مرضيءَ جو گانو نه هلائڻ تي ڪنوار شادي ۾ ئي شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنوار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چئي رهي آهي ته اهو ئي هلندو، مان چيو هو اهو گانو هلائجو.

اها ويڊيو ڀارت جي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪنوار پنهنجي شادي تقريب ۾ داخل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو ته اچڻ وقت ان جي پسند جو گانو نه هلايو ويو، جڏهن ته اتي موجود ماڻهو کيس سمجهائي رهيا آهن ته توهان جي پسند جو گانو هلائي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.