مينار پاڪستان واقعو: پوليس وڌيڪ 34 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا

لاهور (ويب ڊيسڪ) آزادي ڏهاڙي گريٽر اقبال پارڪ ۾ عورت ٽڪ ٽاڪر کي هراسان ۽ بي لباس ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي.

پوليس عائشا اڪرم جي تذليل ڪرڻ جي ڪيس ۾ وڌيڪ 34 جوابدارن کي ڏکڻ پنجاب مان گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ گرفتار جوابدارن جو انگ 126 ٿي ويو آهي.

گذريل ڏينهن ڄاڻايل ڪيس ۾ فيصل آباد، شيخوپورا ۽ قصور مان 30 جوابدارن کي پڪڙيو ويو هو، جڏهن ته لاهور جي مقامي عدالت وڌيڪ 30 جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.