شيائومي جا اڳ کان سستا 2 فون

 

شيائومي طرفان 11 آگسٽ تي مي مڪس 4 فون متعارف ڪرائي وئي ۽ هاڻي اها ڪمپني جلد هڪ ڀيرو ٻيهر فليگ شپ فونز پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

شيائومي طرفان سيپٽمبر ۾ مي 11 سيريز جا اپ ڊيٽ ماڊلز متعارف ڪرايا ويندا جيڪي قيمت جي حساب سا مي 11 کان گهڻا سستا هوندا.

مي 11 سيريز کي فيبروري 2021 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

شيائومي مي 11 ٽي سيريز امڪاني طور تي 2 فونن تي مشتمل هوندي.

ان فون جا تفصيل به ليڪ ٿي سامهون اچي ويا آهن، جن موجب مي 11 ٽي ۽ مي 11 ٽي پرو کي متعارف ڪرايو ويندو.

مي 11 ٽي ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينستي 1200 پراسيسر موجود هوندو جڏهن ته 120 ريفريش ريٽ اسڪرين استعمال ڪئي ويندي.

فون جي پٺيان 64 ميگا پڪسل مک ڪيمرا هوندو، جڏهن ته گڏيل طور ٽن ڪيمرائن جو سيٽ اپ هوندو.

مي 11 پرو جا فيچر گهڻي حد تائين مي مڪس 4 سان ملندڙ جلندڙ آهن.

اها سمارٽ فون 120 هرٽز ريفريش اگهن وارا او ايل اي ڊي ڊسپلي تي مشتمل هوندا جنهن سان گڏ اسنيپ ڊراگون 888/888 پلس پراسيسر ٿي سگهي ٿو.

فون ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري سان گڏ 120 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏيڻ جا امڪان آهن.

ان جو ڪيمرا سيٽ 11 ٽي سان ملندڙ جلندڙ ٿي سگهي ٿو پر مک ڪيمرا اڳ کان مختلف هوندو.

شيائومي طرفان اهي نوان فليگ شپ فون سيپٽمبر جي آخري ڏهاڪي ۾ متعارف ڪرايا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.