ميرپورخاص: سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل شاگردن جو فيسن ۾ واڌ خلاف احتجاج

 

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونيورسٽي پاران سالياني بي اي، بي ڪام، بي ايس سي ۽ ايم اي جي فيسن ۾ واڌ خلاف ميرپورخاص ۾ سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل شاهه عبداللطيف ڪاليج، ماڊل ڪاليج سميت ٻين جا شاگرد روڊن تي نڪري آيا.

شاگردن احتجاج ڪندي چيو ته يونيورسٽي انتظاميا پاران ڪورونا جهڙي خطرناڪ صورتحال دوران فيسن ۾ واڌ برداشت نه ڪرڻ جوڳو قدم آهي، ان سان شاگردن جي تعليم خطري ۾ پئجي ويندي.

هنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا پاران مختلف شعبن جي فيسن کي 15 هزار کان 18 هزار تائين وڌائڻ اسان غريب مسڪين شاگردن مٿان ظلم آهي، ڪورونا وبا ۽ هن مهانگائي جي دور ۾ اسان ايتريون ڳريون فيسون نٿا ڀري سگهون.

شاگردن سنڌ جي وڏي وزير، گورنر، تعليم واري وزير سميت يونيورسٽي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته سالياني فيسن ۾ ڪيل ڳري اضافو جو فيصلو واپس وٺي شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.