لکي لڳ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

لکي غلام شاھ(ت ر) لکي غلام شاھ لڳ سکر شڪارپور روڊ تي ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ڀرڪڻ واسي نوجوان فوت  لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو (تفصيل موجب) لکي غلام شاھ لڳ تماچاڻي ٿاڻي جي حد محبوب ڳوٺ مدرسي سامهون تيز رفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ۾ ڀرڪڻ واسي نوجوان وقار مهر ٽرڪ هيٺيان اچي چيڀاٽجي ويو .موٽرسائيڪل سوار نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو سندس مڙھ ڪپڙي ۾ ويڙھي باگڙجي اسپتال پهچائي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو فوتي نوجوان جو مڙھ ڳوٺ ڀرڪڻ ۾ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.