احمد پور ۾ غلطي سان موٽر سائيڪل ڪاهي وڃڻ تي 47 هزار ڏنڊ

احمدپور (ن ع آ) احمدپور شهر جي هوٽل تان غلطي سبب نوجوان پنهنجي موٽر سائيڪل ڇڏي بااثر امداد شر جي موٽر سائيڪل ڪاهي ويو بااثر جي ونگار وهندي پوليس ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي اڳوڻي وائيس چيئرمين حاجي ذوالفقار علي ڪلال، سندس ملازم وزير ڍونڍڻ ، رشيد ملاح ۽ سندس پٽ عارف ملاح کي گرفتار ڪري  لاڪ اپ ڪري ڇڏيو جنهن بعد احمدپور ٿاڻي تي ئي عدالت لڳائي 47 هزار روپيا ڏنڊ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته ڏنڊ جي رقم ادا ٿيڻ بعد گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو ان سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وائيس چيئرمين حاجي ذوالفقار علي ڪلال جو چوڻ هو ته پوليس بااثرن جي وانگارو بڻيل آهي ملازم هوٽل تان چانھ وٺڻ بعد غلطي سبب پنهنجي موٽر سائيڪل ڇڏي بااثر جي موٽرسائيڪل ڪاهي آيو جنهن جي هيڏي وڏي سزا ڏني وئي جڏهن ته ڄاڻايل بااثر سان اڻبڻت هئي جنهن ڪري پوليس ٻٽ بڻجي عزت جو جنازو ڪڍيو آهي ۽ لاڪ اپ ڪرائڻ بعد مختلف ڌمڪيون ڏئي بيگناھ رقم ورتي وئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.