بمبل برادري جو ابوالخير بمبل جي سرپئنچي ۾ جرڳو، 10 لک ڏنڊ

مبارڪپور ( ن ع آ  ) مبارڪپور  ٿاڻي جي حد ڳوٺ سليمان بمبل جي رهواسين بمبل برادري جو بلوچستان جي علائقي ڊيرا الهيار (جهٽ پٽ )۾  سردار ابلُخير بمبل، بابو خداداد بروهي، يعقوب خان بنگلاڻي، اڪرم بنگلاڻي جي سرپئنچي هيٺ ڪارنهن تڪرار جو نبيرو  ڪيو ويو جنھن ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل راڻو بمبل جي ڌر تي 10  لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته  الزام ھيٺ آيل ڌر هڪ لک روڪ رقم موقعي تي ادا ڪئي، جڏهن ته باقي رقم ٻن قسطن  ۾ ڇهن مهينن ۾ ادا ڪئي ويندي ، نبيرو ڪندڙن  ڀوتارن ڪارنھن الزام هيٺ آيل نوجوان رياض بمبل  کي ڇھه مھينا ڳوٺ مان  نيڪالي ڏيئڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ، جڏهن ته عوامي آواز   پاران رابطو ڪرڻ تي بابو خداداد بروهي ٻڌايو ته بمبل برادري جي ڪارنهن تڪرار جي نبيري جي مون کي خبر ناهي، هوڏانهن مبارڪپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او انيس احمد شيخ رابطو ڪرڻ تي عوامي آواز  کي ٻڌايو ته اسان جي حد ۾ ڪارنهن تڪرار جو نبيرو  ناهي ٿيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.