سهراب خان مري جي محمد علي ملڪاڻي سان والده جي وفات تي تعزيت

چوھڙجمالي (ن ع آ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر مير سهراب خان مري ڇڇ جھان خان پھچي سابق صوبائي وزير ايم پي اي محمد علي خان ملڪاڻي جي والده جي وفات تي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ء مرحومه لاء دعا پڻ ڪئي.جڏنھن ته مير سهراب خان مري چوھڙجمالي پھچي پ پ پ شاھبندر جي انفارميشن سيڪريٽري جاويد طيب ميمڻ ۽ پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن سنڌ جي صوبائي اڳواڻ ساگر ميمڻ جي ماما سينيئر صحافي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر عيسيٰ ميمڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي ء دعا گھري.ھن موقعي تي.عمر ميمڻ.ڊاڪٽر فتاح ميمڻ.سائين غلام قادر باغي ميمڻ، علي نواز ميمڻ، زاھد حسن کڏو، ربڏنو جت، منظور احمد سرڪي، شفيع محمد لغاري، محمد جمن جت، محمد حنيف ولڙو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي، پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن، سپاف ضلعي ۽ تعلقي عهديدارن ۽ ڪارڪنن سميت صحافت سان لاڳاپيل ڌريون پڻ موجود ھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.