ڏوڪريءَ ۾هيلٿ ورڪرز جو اجلاس، ڪورونا ويڪسينيشن نه ڪرڻ جو اعلان

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو اجلاس، ڪرونا جي ويڪسينيشن نه ڪرڻ جو اعلان، ضلعي انتظاميا جو حڪم مڃڻ کان انڪار تفصيل موجب  ڏوڪري ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز  اجلاس ڪوٺائي ڪرونا جي ويڪسينيشن نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي ضلعي انتظاميا جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ان ڏس ۾ ڏوڪري تعلقي اسپتال ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ليڊي ھيلٿ سپر وائيزر شھربانو مڱريو، تسليم جوڻيجو، رڪيه ٿهيم، عابده سرگاڻي  ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرز چيو ته ضلعي جي انتظاميا ڊي ايڇ او  پاران ليڊي هيلٿ ورڪرز تي دٻاء وڌو پيو وڃي ته گهر گهر وڃي ڪرونا جي بچاء واري ويڪسين ڪيو هنن چيو ته  ڪرونا جي وئڪسين شگر، بلڊ پريشر، ۽ ٻين بيمارين ۾ نٿي لڳائي سگهجي، اسان بنا ٽيسٽ يا بيمارين جي تصديق کانسواء ويڪسين نٿا لڳائي سگهون،  ڊي ايڇ او، اسان تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن جيڪو قبول نه آهي. نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.