آريجن ۾ ڪتن معصوم ٻارڙي کي ڏاڙهي وڌو، اسپتال منتقل

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا ۽ آس پاس ۾ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ انتظاميا جي لاپرواهي سبب رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو شهري سخت پريشان، جڏهن ته ڇٽي ڪتي ٺارو واهڻ محلي واسي پورهيت پپن بروهي جي 5 ورهين معصوم ٻارڙي رخسانه بروهي کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو ٻارڙي کي زخمي حالت ۾ وارثن تعلقا اسپتال باقراڻي ايٽ آريجا ويڪسين ڪرائڻ لاءِ پهتا، جتي آچر ڏينهن موڪل هئڻ سبب ٻارڙي کي وئڪسين نه لڳي سگهي، جڏھن ته رولو ۽ ڇتن ڪتن جي خوف وچان آريجا ۾ نماز پڙهندڙ ۽ واڪ ڪندڙ شهري هٿن ۾ لٺيون کڻي گهمڻ لڳا هوڏانهن ان سلسلي ۾ خير محمد آريجا جي سڃاڻ ڌرين پاران اهڙي مامري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڊي سي لاڙڪاڻو، ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اهڙي مامري جو نوٽيس وٺي ڪتا مار مهم هلائي شهرين مان بي چيني دور ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.