برطانيا پاران افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۽ ترڪي ۾ رهائڻ تي غور

لنڊن (م ڊ) ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ برطانيا افغان پناهگيرن لاءِ پاڪستان ۽ ترڪي ۾ عارضي مرڪز قائم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي،افغانستان مان فرار ٿيڻ لاءِ ڪابل ايئرپورٽ تي افغان شهرين جو هجوم هاڻ به موجود آهي ۽ افراتفري به برقرار آهي، اهڙي صورتحال ۾ آمريڪي ۽ برطانوي فوج به ڪابل ايئرپورٽ جو ڪنٽرول سنڀاليو آهي،برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته برطانيا تازو افغانستان مان نڪرندڙ افغان پناهگيرن لاءِ پاڪستان ۽ ترڪي ۾ عارضي مرڪز قائم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي،برطانيا جي بچاءَ واري وزير موجب سڀني ماڻهن کي ڪڍڻ ممڪن ناهي ۽ 31 آگسٽ جي ڊيڊ لائن کانپوءِ ماڻهن کي پاڻ سرحد پار اچڻو پوندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.