اشرف غني، امرالله صالح سميت سڀني لاءِ عام معافي آهي: طالبان

ڪراچي(م ڊ) افغان طالبان جي مرڪزي اڳواڻ خليل الرحمان حقاني جو چوڻ آهي ته هاڻي ڪنهن سان به دشمني ناهي، اشرف غني، امر الله صالح ۽ حمد الله محب سوڌو سڀني جي لاءِ عام معافي آهي.پاڪستان جي هڪ نيوز چينل سان ڳالهائيندي خليل الرحمان حقاني جو چوڻ هو ته آمريڪا سان دشمني ۾ اسان اڳرائي نه ڪئي هئي ۽ هاڻي به نه ڪري رهيا آهيون، آمريڪا اسان جي مذهب ۽ ملڪ سان زيادتي ڪئي ته مجبور ٿي  بندوق کنئي. هن چيو ته افغانستان جو هڪ منظم نظام ٺهندو، جنهن ۾ سموريون تنظيمون ۽ تعليم يافته ماڻهو شامل هوندا، قوم کي متحد ڪرڻ وارن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو.طالبان اڳواڻ افغانستان ڇڏي وڃڻ وارن کي پيغام ڏنو ته ٻاهر نه وڃن، هتي ئي رهي ڪري ملڪ جي خدمت ڪن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.