حڪومتي ڪارڪردگي تي پي ڊي ايم پاران اڇو چٺو پڌرو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ن ليگ سيڪريٽريٽ ۾ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، پي ڊي ايم 3 ورهين جي حڪومتي ڪارڪردگي تي اڇو چٺو پڌرو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اجلاس بعد اڳواڻن چيو ته حڪومتي اصلاحات آئين ۽ قانون سان ٽڪراءُ آهن، اليڪٽرونڪ ووٽر مشين چونڊ چوري ڪرڻ جو طريقو آهي، اسٽيئرنگ ڪاميٽي حڪومت مخالف جلسن جو اعلان ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ 29 آگسٽ تي جلسو ڪيو ويندو، ان کان اڳ  28 تي سربراهي اجلاس طلب ڪوٺائي لائحه عمل جوڙينداسين، ملڪ گير جلسن جو اعلان تفصيلي مشاورت ڪئي ويندي. خاقان عباسي اجلاس بعد خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي ناقص ڪارگردگي کي 3 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، اڇو چٺو جاري ڪرڻ جو مقصد حڪومت جي نااهلي کي وائکو ڪرڻ آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.