ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ 41 اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو آهي: سعيد غني

ملير (ڊ ر) صوبائي وزير اطلاعات ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني جي صدارت هيٺ ملير مان ڪنٽونمنٽ بورڊ جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، قائم مقام صدر ملير عديل اختر شيخ، جنرل سيڪريٽري ۽ صوبائي وزير ساجد جوکيو، انفارميشن سيڪريٽري ملير ميرعباس ٽالپور، وڏي وزير جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد، ايم اين اي آغا رفيع الله، ايم پي اي محمد يوسف بلوچ، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، ايم پي اي شاهينا شير علي، اڳوڻو چيئرمين ڊي ايم سي ملير جان محمد بلوچ سميت ملير جي پارٽي عهديدارن ۽ اميدوارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪنٽومنٽ بورڊ جي چونڊن جي تيارين، مختلف وارڊن جي اميدوارن پاران ڪيل تيارين سميت ٻين ڪمن بابت تفصيل پيش ڪيا، ان موقعي تي صوبائي وزير ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني خطاب ڪندي چيو ته هن ڀيرو پيپلز پارٽي ڪراچي جي 6 ڪنٽومنٽ بورڊ جي چونڊن ۾ 42 مان 41 اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو آهي جڏهن ته هڪ سيٽ تي آزاد اميدوار کي سپورٽ ڪيو ويندو، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتون آهن ته ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ عوامي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور قدم کڻي، ڪنٽومنٽ بورڊ جي چونڊن ۾ سمورين سيٽن تي چونڊون وڙهڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنٽومنٽ جي زير انتظام ايندڙ علائقن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، اسان جي ڀرپور ڪوشش هجڻ گهرجي ته هڪ هڪ ووٽر وٽ وڃو ۽ انهن کي نه صرف ووٽ لاءِ درخواست ڪيون پر مسئلن کي به حل ڪيون، هن چيو ته هي چونڊون جلوسن، ريلين ۽ ڪارنر گڏجاڻين سان نه پر اسان کي هڪ هڪ ووٽر جي گهر وڃي کيٽيون آهن، پيپلزپارٽي جو منشور عوامي خدمت آهي ۽ اسان پنهنجو منشور گهر گهر وڃي پهچائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.