فلائيٽ ليفٽيننٽ ڊاڪٽر ماه نور ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان آرمي ۽ ايئرفورس ۾ نوڪري ڪندڙ فلائٽ ليفٽيننٽ ڊاڪٽر ماهنور فرزند عالمي وبا ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿيوئي آهي.پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن(پي ايم اي) ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ڊاڪٽر ماهنور فرزند ڪورونا سبب فوت ٿي وئي آهي. پي ايم اي موجب ڊاڪٽر ماهنور فرزند سي ايم ايڇ ملير ڪينٽ ۾ علاج هيٺ هئي. فلائٽ ليفٽيننٽ ڊاڪٽر ماهنور آرمي ۽ ايئرفورس ۾ به نوڪري ڪري رهي هئي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن چيو آهي ته ڊاڪٽر ماهنور جو والد به ڪورونا سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. پي ايم اي موجب ملڪ ۾ هينئر تائين 220 ڊاڪٽر ڪورونا وگهي فوت ٿي چڪا آهن جنهن ۾ سنڌ مان هينئر تائين 77 ڊاڪٽر عالمي وبا سان وڙهندي شهيد ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.