ڇڻندڙ وار روڪڻ جو گهريلو نسخو

 

وار ڇڻڻ هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ هڪ جهڙو ئي ڏٺو وڃي ٿو.دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود اهي ماڻهو جيڪي وار ڇڻڻ جي مسئلي سان منهن ڏئي رهيا آهن سڀئي ان مسئلي جو هڪ ئي حل چاهيندا آهن ته انهن جا وار ڪنهن طريقي سان قدرتي طور نڪري اچن.

جيتوڻيڪ جديد سائنس انسان جي زندگي ۾ڪيتريون ئي سهولتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان حوالي سان هٿرادو وار هڻڻ ۽ وارن جي پيوندڪاري جو عمل ئي مٿي تي وار آڻڻ جو واحد حل سمجهيو ويندو آهي.

وار ڇڻڻ هونئن ته ڪو اهڙو مسئلو ناهي جنهن کي ڪو عيب سمجهي ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ ڪا کوٽ محسوس ڪن پر تنهن هوندي به وارن جو نه هجڻ پرسنلٽي تي ناڪاري اثر ضرور ڇڏيندو آهي.

وارن جي نه هجڻ سان نوجوان توڙي ننڍا ٻار به پڪي ۽ پوڙهي عمر جا محسوس پيا ٿيندا آهن جيڪو ڪجهه ماڻهن لاءِ انتهائي حد تائين پريشاني جو سبب به هوندو آهي ۽ جنهن سان ڊپريشن جهڙي خطرناڪ بيمارين جو جنم به ٿيندو آهي.

وار ڇڻڻ جا ڪارڻ ته ڪيترائي هوندا آهن، جهڙوڪ کاري پاڻي جو استعمال، ڪيميڪل مليل شيمپو استعمال ڪرڻ يا خانداني ورثي سبب به وار ڇڻندا آهن.

ميڊيڪل سائنس ۾ وارن جي ڇڻڻ جو سبب وٽامن ايڇ جي کوٽ ٻڌايو ويو آهي.

سانئس جو مڃڻ آهي ته جنهن ماڻهو جا وار ڇڻندا آهن اصل ۾ ان جي جسم ۾ وٽامن ايڇ جي کوٽ هوندي آهي ۽ وٽامن ايڇ جي کوٽ جا ڪهڙا به سبب ٿي سگهن ٿا.

هٿرادو وار يا وارن جي پيوندڪاري هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، ان ۾ هزارن ۽ لکن رپين جو خرچ ٿيندو آهي ۽ ان سان گڏ اهو صحت توڙي زندگي جي لاءِ نقصانڪار به ثابت ٿي سگهي ٿو.

اسان توهان جي لاءِ هتي ڇڻندڙ وارن کي روڪڻ لاءِ هڪ اهڙو نسخو آندو آهي جنهن ۾ نه توهان جي گهڻا پئسا خرچ ٿيندا نه ئي وري ڪو صحت لاءِ نقصانڪار آهي ۽ نه ئي ان لاءِ ڪا وڏي محنت ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي.

ڇڻندڙ وارن کي روڪڻ لاءِ توهان پنهنجي گهر ۾موجود بصر جي صحيح نموني استعمال سان وارن جو ڇڻڻ روڪي سگهو ٿا.

طريقو

وچولي ۽ ميروني رنگ جا 2 کان 4 بصر کڻو.

انهن جي مٿين کَل لاهي، انهن بصرن جو رَس ڪڍو.

بصرن جو اهو جوس پنهنجي مٿي کي 2 ڀيرا هلڪي نموني مالش ڪيو.

لڳاتار بصرن جو اهو پاڻي استعمال ڪرڻ سان توهان نه رڳو پنهنجي ڪرندڙ وارن کي روڪي سگهو ٿا پر پنهنجي ڇڻيل وارن کي به واپس ڪري سگهو ٿو.

انهن ئي بصرن کي کي ڪَٽي صاف پاڻي ۾ وجهي انهن کي هلڪي باهه تي اوٻاريو، جيئن پاڻي جو رنگ به هلڪو ڳاڙهو ٿي وڃي ۽ اهو پاڻي پنهنجي وارن کي وهنجڻ کانپوءِ تيل جي مالش ڪري هڻي ڇڏيو.

ائين ڪرڻ سان به گهڻي حد تائين توهان پنهنجي ڪرندڙ وارن کي روڪي ۽ ڇڻيل وارن کي واپس آڻي سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.