ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن حڪومت کي اسڪولن بابت فيصلي جي حوالي سان وڏي وارننگ ڏئي ڇڏي.
پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ حڪومت 23 آگسٽ تي اسڪول نه کوليا ته آئوٽ ڊور اسڪولنگ شروع ڪنداسين.
واضح رهي ته سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن ئي اسڪول 30 آگسٽ تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت يونيورسٽيون به 30 آگسٽ تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اهي خبرون به گردش ڪري رهيون آهن ته سنڌ حڪومت 30 آگسٽ کانپوءِ به اسڪول کولڻ جي حق ۾ ناهي ۽ ان حوالي سان جلد فيصلو ڪيو ويندو.
اهڙي اعلانن کانپوءِ پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن اهو اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسڪول کولڻ جو فيصلو حڪومت نه ڏنو ته اسان آئوٽ ڊور اسڪولنگ شروع ڪرائينداسين.
هوڏانهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بوڪ تي سنڌ جي ٻهراڙي جي هڪ سرڪاري اسڪول ٽيچر پنهنجي اڪائونٽ تان هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته سومر ڏهاڙي هو اسڪول جا تالا توڙي ٻارن کي تعليم ڏيندو.
هن چيو حرام جي پگهار هاڻي وڌيڪ نٿا کائي سگهون، هر صورت ۾ ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ اسڪول کولرائي رهندس.
استاد پنهنجي پوسٽ ۾ اهو به لکيو ته جيڪڏهن اهڙي عمل تي منهنجي خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو يا ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي ته مان بنا ڪنهن دير جي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس.
ياد رهي ته ڪورونا وبا جي ڪري حڪومت مارڪيٽون، بازارون ۽ مزارون کولڻ جا فيصلا ته مختلف وقتن ۾ ڪندي رهي آهي پر اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو لڳاتار هلي رهيو آهي، جنهن سبب لکين ٻارن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي.