آخر ڪيستائين هوا ڄاين سان زيادتيون ٿينديون رهنديون؟

تحرير : حميده گهانگهرو

پاڪستان جي ٺهراءَ منظور ٿيڻ کانپوءِ ياد طور لاهور ۾ مينار پاڪستان ٺاهيو ويو. 14 آگسٽ يعني آزاديءَ جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ان يادگار آڏو پاڪستان ٺهڻ جي تاريخ ورجائي، قرباني ۽ جدوجهد کي سٺي طرح ياد ڪرڻ ايندڙ نسل کي آگاهي ڏني وڃي انهيءَ ڪري ڪنهن به يادگار ۽ ڏينهن جي ڪهڙي اهميت هوندي آهي، تاريخ جا استاد ٻڌائين ٿا ته جن پنهنجي تاريخ، ماڳ، مڪان ۽ يادگار نه سڃاتا، اهي قومون مرده قومن جي برابر هونديون آهن. دراصل تاريخ ئي قومن جي سڃاڻپ هوندي آهي. ان حوالي سان 74 سال اڳ آزاد ملڪ جي ٺهڻ وقت ڪيتريون قربانيون، پيڙائون، دربدري، مالي جاني نقصان کي منهن ڏيڻو پيو هو. ورقن ۾ جهاتي پائڻ سان لڱ ڪانڊرايندڙ واقعا سامهون ايندا هونئن به ڪا جدوجهد قربانين ۽ مشڪلاتن کانسواءِ اڌوري يا اڻ کٽ هوندي آهي. اهڙي صورت ۾ جڏهن مسلم مملڪت ٺهڻ جي آزادي  ۽ خودمختياريءَ واري جشن ملهائڻ دوران بي قصور نياڻي سان وحشي صفت انسان اچي حملو ڪن ٿا. سندس ڪپڙا ڦاڙين ٿا هڪ عورت 400 مردن جي ڌڪامڪي ۾ زيادتي جو نشانو بڻجي ٿي. اهڙي صورت ۾ ڪهڙي پيءُ ماءُ ڀاءُ ڀيڻ، پٽ ڌيءَ کان اهو برداشت ٿيو هوندو ته سندس عزت وقار سان 14 آگسٽ جي واقعي کي محفوظ ڪندي پاڻ غير محفوظ ٿي ويندي. حيران ۽ شرمنده ڪرڻ واري ڳالهه اها آهي ته سڄي صورتحال ۾ ڪير غيرت مند باضمير نياڻيءَ جي تذليل کي نه پيو بچائي سگهي. ڇا پاڪستان ٺهڻ ۾ عورتن جو ڪو به ڪردار نه هئو. رڳو هڪ ننڍڙو ڇوڪرو رڙيون ڪري بچايو بچايو چئي رهيو هو. ان مان ظاهر پيو ٿئي ته 1947ع جي لڏپلاڻ جيڪي تذليل جا واقعا ٿيا هئا ان کي عملي طور ڏيکاريو پيو وڃي.

اي آر واءِ جي اينڪر اقرارالحسن چيو ته اڄ سڄي ملڪ ۾ 14 آگسٽ جي جشن آزادي ملهائيندي ڪشمير ۾ نياڻين جي تذليل جو مثال ٿو ڏنو وڃي پر مينار پاڪستان تي پنهنجي ملڪ جي نياڻي جي تذليل تي اکيون بند آهن. ڇا اسان جي ديس جون نياڻيون غير محفوظ ڪري ٻين جا مثال ڏيڻ ۾ ڪيتري سچائي آهي. نياڻين سان جنسي ڏاڍايون، قتل ۽ قبرن  مان لاش ڪڍي هوس جو نشانو تذليل ڪئي ٿي وڃي. چراغ تلي انڌيرا واري ڳالهه آهي. ٻين ملڪن جا غير انساني تشدد ظلم زيادتيون ته نظر اچن ٿيون پر پنهنجي ملڪ جو اهڙو حال ڏسي اسانجا ساڃاهه وند، پڙهيل لکيل، اديب، دانشور ۽ سياستدان  سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي زحمت ڪري سگهن ٿا. يا وري ڳالهائڻ جي ٻولي ڌار اندر جي سوچ ڌار. اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته لکڻ جو عمل ۽ عملي زندگيءَ ۾ منافقت جو عنصر وڌيڪ هوندو آهي.

ياد رهي ته 1955ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم محمد بوگرهه ٻي شادي ڪئي هئي ته باشعور عورتن عورت سان ٿيندڙ زيادتيءَ خلاف ٻي شادي جي فيصلي کي غلط قرار ڏئي احتجاج ڪيا. جنهن جي ڪري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽسن بشير صاحب جي سربراهيءَ ۾ شادي طلاق کانپوءِ ٻارن ۽ عورت لاءِ پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ مالي مسئلن لاءِ ڪميشن ٺاهي وئي، ڏٺو وڃي ته عورت مرد جي ٻڌڻن ۾ اچڻ کانپوءِ تمام رت جي ويجهن رشتن کي الوداع ڪري ٿي ۽ پوءِ مڙس جو گهر دراصل هن جو گهر آهي. ٻارن کي جنم ڏئي مڙس جو نسل وڌائي ٿي جنهن جي ڪري معاشري جي جوڙجڪ فرد مان افراد ۾ تبديل ٿين ٿا. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عورت لاءِ تحفظ جي ڪيتري ضرورت آهي.

1993ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ عورت جي تشدد جي خاتمي لاءِ ٺهراءُ ۾ واضح چيو ويو ته عورت کي جسماني، جنسي يا نفسياتي نقصان يا تڪليف ڏيڻ ٻاهر نڪرڻ تي ڌمڪيون ڏيڻ به تشدد جي ذمري ۾ اچي ٿو. پڙهيل لکيل نالي وارا پنهنجي زالن کي رڳو ٻارن ڄڻڻ جي مشين سمجهي ٻاهر جي عورتن سان عياشيون ڪندا رهندا ان وقت اها عورت به ايتري ئي ظالم آهي جيترو مرد پر وري به  جڏهن مرد ترقي پسندي جو غلاف پائي مجبور عورت جي بي سمجهي سان کلواڙ ڪري ٿو ته مرد وڌيڪ ذميدار آهي.

هڪ اهم ڳالهه تي خاص ڌيان ڇڪائيندي واضح ڪيو ويو آهي ته عورت کي هراسان ڪرڻ جو عمل رڳو 14 آگسٽ مينار پاڪستان تي ناهي پر ورڪنگ وومين کي هراسان ڪرڻ مرد جي ها ۾ ها نه ملائڻ خوشامد نه ڪرن تي مختلف حربا استعمال ڪري هراسان ڪيو ويندو.عورت جي قابليت بهادري کي داد ڏيڻ بدران حسد ساڙ جو عنصر گهڻو هوندو جنهن کي به هراسمينٽ جي ذمري ۾ سمجهڻ گهرجي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نياڻين عورتن کي تعليم سائنس، سماجي ۽ سياسي ڏيڻ سان گڏوگڏ عملي طرح رستا هموار ڪيا وڃن. عورت رڳو پنهنجي خوبصورتي، زلفن، ڳلن جي لالي، چپن جي سرخي جي تعريف تي خوش ته ٿي سگهي ٿي پر تعميري ذهن نٿي پيدا ڪري سگهي. جڏهن  عورت تي جهڙي طرح زيورن پائڻ جو رواج پيو خود عورت کي قيد ڪرڻ جي علامت آهي. تعميري ذهن ۽ واقعي عورت کي خوداعتمادي ۽ بردباد ڪرڻ لاءِ پنهنجا من پسند رجحان تبديل ڪري سماجي ترقي ۽ تعمير جا رجحان ڪيا پيا وڃن ته پوءِ نه ته عورت جو لباس جيڪو هو پنهنجي مرضي ۽ ماحول مطابق پائي ٿي خراب لڳندو. ڏٺو وڃي ته بهتر سوچ جهڙو ڪو به لباس ئي ڪونهي جيڪو عورتن جي زندگيءَ کي شعور جي چادر سان ڍڪي ٿو. اهڙا مرد پنهنجي ترقي پسنديءَ کي واويلا ڪري ٻڌائيندا دراصل شٽل ڪارڊ برقعي ۾ ڍڪيل اندر جو چهرو ٻيو هوندو انهيءَ وقت عورت خاندان، ڪميونٽي۽ رياست جي تشدد کان باغي ٿي پاڻ کي اڪيلو سمجهي ٿي جنهن مان مرد ڀرپور فائدو وٺي ٿو. جڏهن پهرين مرد جي سوچ تبديل ٿيندي ته معاشري جي مقدس رشتن جي به اهميت رهندي، پڙهيل لکيل ذهنيت به جڏهن عام مرد جي دقيانوسي  سوچ سان مشابهت ڪندي آهي ته پوءِ معاشري ۾ اهڙا واقعا ناممڪن نه پر ممڪن هوندا آهن. ڪوڙ کي طاقتور ڪرڻ بدران سچائي کي ثابت قدمي سان نروار ڪجي. هن وقت تائين اڪثر اهڙن ڪيسن کي لڪايو ويندو آهي اهو چئي ته خاندان جي بدنامي ٿيندي پر هڪ ڇوڪريءَ جي زندگي داغدار ڪري جيڪڏهن آواز بلند ڪري ٿي ته سمجهو ايندڙ ڪيترين نياڻين جي رهنمائي ڪري مستقبل سنواري ٿي.

ان کان اڳ 2013ع ۾ مزار قائد تي به هڪ ڇوڪري سان زيادتي جو واقعو ٿيو پر ٿورو عرصو جوابدار گرفتار ٿيڻ کانپوءِ آزاد ٿي ويا. سمجهڻ گهرجي ته هڪ واقعي تي اڃا اکين جا ڳوڙها هاڻي ناهن سڪا ته مٿان ٻيو واقعو ٿو ٿئي. رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهتر اپاءَ وٺي. باقي هڪ ڳالهه انتهائي تڪيلف ڏيندڙ آهي ته جڏهن طبقاتي نظام ۽ حقن جي ڳالهه ڪجي ٿي ته پوءِ پاڪستان جي دائري ۾ ڪٿي به زيادتي جو واقعو ٿئي ٿو اتي ٻولي علائقي جي فرق ۾ نه ورهائڻ گهرجي نياڻي ڪهڙي به ٻولي ڪهڙي به علائقي سان تعلق رکي، سندس عزت ۽ تقدس هڪ جهڙو آهي. سنڌي ميڊيا چاهي قصور جي زينب  هجي ڄڻ سنڌ جي باشعور جي نياڻي هئي. سنڌ ۾ رهندڙ ڪهڙي به ٻولي جو ماڻهو هو سنڌي ميڊيا تي واويلا ڪئي ۽ اردو ميڊيا جو خبر ناهي ويڳي ماءُ وارو سلوڪ هوندو آهي. انهيءَ رجحان کي به فراخدليءَ سان سوچي سمجهي ختم ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.