غيراخلاقي ويب سائيٽ جي دوستي نوجوان کان زندگي کَسي ورتي

 

سکر(ويب ڊيسڪ) غيراخلاقي ويب سائيٽ تي ٿيندڙ دوستي لاڙڪاڻي واسي نوجوان جي زندگي کسي ورتي.

پوليس ٻڌايو آهي ته 18 آگسٽ تي ون فائيو (15) پوليس کي سکر ايئرپورٽ لڳ نجي هوٽل مان مدد ڪرڻ جي فون آئي، فوري طور تي پوليس پهتي ته فهيم نالي نوجوان کي بيهوشي حالت ۾هٿ ڪيو ويو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن دم ڏئي ڇڏيو.

فهيم جي فوت ٿيڻ کانپوءِ پوليس هوٽل جي ڪيميرا ۾ موجود ٽن نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو.

شروعاتي جاچ موجب گرفتار ڪيل ٽنهي ڄڻن جي فهيم سان دوستي هم جنس پرست ويب سائيٽ جي ذريعي ٿي هئي، جوابدارن فهيم سان هوٽل جي ڪمري ۾ آئيس سميت ٻيون نشي آور شيون استعمال ڪيون.

جوابدارن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته نوجوان کي جنسي لاڳاپن جي لاءِ لاڙڪاڻي کان سکر گهرايو هو ۽ شراب ۽ آئس نشي جي ڪري ان جي طبيعت خراب ٿي وئي.

هوڏانهن 27 ساله فهيم جي ڀاءُ غلام مرتضيٰ چيو آهي ته جوابدارن ننڍي ڀاءُ کي نوڪري جي بهاني ۾ هوٽل ۾ گهرايو، ڀاءُ جي نمبر تان پوليس رابطو ڪري ٻڌايو ته توهان جو ڀاءُ بيهوشي حالت ۾ هٿ آيو آهي.

فوتي نوجوان جي ڀاءُ موجب ته فهيم اسان کي وائيس ميسيج ڪيا ته مونسان ڌوڪو ٿيو آهي، مون ون فائيو پوليس گهرائي آهي پر توهان به جلدي پهچي وڃو.

فوتي نوجوان جي ڀاءُ جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.