گڏيل نصاب جو اعلان ۽ سنڌ جا اعتراض

تحريڪ انصاف جي قيادت، ملڪ ۾ گڏيل تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن جو اعلان ڪندي اهو به چيو ويو ته گڏيل تعليمي نظام ترت  ملڪ جي ٽن صوبن ۾ لاڳو ڪيو ويندو، جن ۾ پنجاب، خيبرپختون خواهه ۽ بلوچستان شامل آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ گڏيل تعليمي نظام متعلق نه ته ڪي تفصيل جاري ڪيا ويا، نه ئي نصاب متعلق ڪا ڄاڻ ڏني وئي ۽ نه ئي وري اهو ٻڌايو ويو ته نصاب جي منظوري ڪهڙين اختيارين ڏني آهي، ، بعد جي خبرن موجب سنڌ صوبي اهڙي گڏيل تعليمي نصاب کي رد ڪندي صوبي ۾ مروج تعليمي نظام کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير سيد سردار شاهه پنهنجي ڏنل رد عمل ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ  جي حڪومت عملي طور تي ملڪ ۾ نصابي مارشل لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي، افسوس اهو آهي ته پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ وفاقي ڪابينه آئين پڙهڻ کان سواءِ ملڪ ۾ گڏيل نصاب لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيوآهي، جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار آئين جي پوئواري نه پئي ڪري پر پنهنجي منشور جي پوئواري ڪندي ملڪ ۾ گڏيل تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، هُن جو وڌيڪ اهو به چوڻ هيو ته آئين موجب نصاب جوڙڻ ۽ پڙهائڻ صوبن جو معاملو آهي، وفاق جو نه، وفاق کي نصاب جوڙڻ جو اختيار ئي نه آهي. سيد سردار شاهه جو چوڻ هيو ته وفاقي حڪومت کي نصابي مارشل لڳائڻ نه گهرجي جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت کي ملڪ ۾ گڏيل نصاب لاڳو ڪرڻو آهي ته ان ڏس ۾ صوبن سان صلاح مشوره ڪري ڪو لائحه عمل جوڙيو  وڃي ها، هن کليل لفظن ۾ چيو ته سنڌ، وفاق جي تعليمي نصاب کي تسليم نه ٿي ڪري ۽ اسان پنهنجي تعليمي نصاب تي نظرثاني ڪري ان کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن ۾ شامل هر وفاقي ايڪي جي ٻولي، ثقافت، تاريخ، تهذيب ۽ ادب الڳ الڳ آهن، جڏهن ته انهن صوبائي ايڪن جا ڪنهن حد تائين تعليمي مسئلا به الجهيل ۽ الڳ آهن، ٻارن جي والدين جا معاشي پيس منظر به ڌار ڌار آهن، ايتري قدر جو ٻارن جا ذهني معيار پڻ الڳ آهن، پر هڪ وفاقي ملڪ جي حوالي سان جڏهن سوال ٿو اڀري  ۽ هڪ ملڪ جي گڏيل نموني ترقيءَ جو سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ تعليم متعلق هڪ اهڙي پاليسيءَ جي سخت ضرورت پئي ٿي جنهن ڪري ملڪ جي ترقيءَ لاءِ جديد تعليم جي اهميت، صوبن جي تعليم جي شعبي ۾ ٻولين جي اهميت ۽ ملڪ جي سياسي ۽ نظرياتي قدرن جي تحفظ کي اوليت ڏجي.

گڏيل تعليمي نصاب جي حوالي سان سنڌ حڪومت جيڪي اعتراض ڪيا آهن اسين سمجهون ٿا ته اهي انتهائي بنيادي آهن، اصولي طور تي سنڌ حڪومت جو جديد نصاب کان انڪار نه آهي ۽ ني ئي وري ان ڳالهه کان انڪار آهي ته نصاب ۾ ملڪ جي سياسي قدرن، تاريخ ۽ سماجي مرتبي کي بيان نه ڪجي، پر سنڌ جو اعتراض اهو آهي ته 18- هين ترميم کانپوءِ تعليم، صوبن جو اسم آهي، اهو حق صوبن کي آهي ته صوبا پنهنجو، پنهنجو نصاب جوڙين ۽ پنهنجن تعليمي ادارن ۾ لاڳو ڪن، هن وقت به سنڌ ۾ جيڪو تعليمي نصاب لاڳو آهي، اهو نصاب تعليم جي جديد معيارن ۽ جديد دور جي گهرجن کي پورو ڪري ٿو، ان نصاب ۾ ملڪ جي تاريخ ۽ تمندن کي بهتر نموني بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مذهبي تعليمات کي پڻ اهميت جي حوالي سان جاءِ ڏني وئي آهي، پوءِ  سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ هڪ ڪرو تعليمي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ جيڪو نصاب جوڙيو آهي اهو ڪهڙو آهي؟.

اسان ان راءِ جا آهيون ته تعليم ڪو اهڙو اسم نه آهي جنهن تي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي فقط هڪ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلي سان لاڳو ڪيو وڃي، ۽ ان ۾ صوبن جي شرڪت کي ضروري نه سمجهو وڃي ۽ نه ئي وري آئين جي اهميت کي خاطر ۾ آندو وڃي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ جڏهن به ڪو ملڪي سطح تي فيصلو ٿيندو آهي، پوءِ کڻي اهو ڪهڙي به شعبي جو هُجي، ان متعلق پهريان ڪي اختياريون جڙنديون آهن، انهن ۾ بحث ٿيندا آهن، خيالن کي عملي جامو پهرائي انهن کي بحث لاءِ اسيمبلين ۾ آندو ويندو آهي ۽ ان بعد ڪا مثبت راءِ جڙندي آهي جيڪا ملڪ جي مٿين ايوان ۾ منظوريءَ لاءِ ويندي آهي، اهڙي فيصلي ۾ خاص ڪري وفاقي ملڪن جي حوالي سان ان ملڪ جي ايڪن ۽ صوبن جي راءِ کي اوليت ڏني ويندي آهي، اسان اها راءِ ڏيڻ ۾ حق بجانب آهيون ته تحريڪ انصاف جو اهڙو فيصلو جيڪو اڪيلي سر ڪيو ويو آهي، ان لاءِ نه آئين کي خاطر ۾ آندو ويو آهي ۽ نه ئي صوبن جي راءِ ۽ نه ئي ايوان جي بحث کي، تنهنڪري اها ڳالهه ٿلهي ليکي هڪ آمريتي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا ختم ٿيڻ گهرجي. بهتر اهو ٿيندو ته تعليم سميت ملڪ جي ٻين معاملن متعلق گڏيل راءِ کانپوءِ ئي فيصلا ڪيا وڃن ۽ ملڪ ۾ يڪسان تعليمي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ پڻ اهڙي ئي طريقئه ڪار کي اختيار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.