سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل عدالتي ڪميشن جيتوڻيڪ ورهائجي وئي آهي ڇو ته ڪميشن جي چئن ميمبرن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ 4 ميمبرن حمايت ڪئي آهي. اٽارني جنرل آف پاڪستان مئوقف اختيار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج ٿيڻ تي راضي هجي ته پوءِ کيس مقرر ڪيو وڃي. ان ڪري معاملو في الحال تڪراري ٿي ويو آهي.
سوال اهو آهي ته آخر ڪار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ان جي مرضيءَ بنا زوريءَ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ پٺيان مقصد ڪهڙا آهن؟ ڇو ته چيف جسٽس احمد علي شيخ ته لکت ۾ ايڊهاڪ جج ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا تي چيف جسٽس جو موقف آيو آهي ته هن جڊيشل ڪميشن کي لکيو آهي ته جيڪڏهن کيس سپريم ڪورٽ ۾ مستقل جج مقرر ڪيو وڃي ته کيس ڪو به اعتراض نه آهي. ان حوالي سان 17 اگسٽ تي سپريم ڪورٽ جو جسٽس مشير عالم رٽائر ٿي رهيو آهي ۽ جاءِ به خالي ٿي رهي آهي ان ڪري جيڪڏهن کيس مستقل جج مقرر ڪيو وڃي ته قبول، باقي ايڊهاڪ جج طور مقرري قبول نه آهي.
ان ڏس ۾ سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ٿيندڙ تبصرن اطلاعن مان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪي طاقتون اصل ۾ چيف جسٽس جي حيثيت ۾ احمد علي شيخ کي ڏسڻ نه ٿيون چاهين، اهي ئي ڌريون سپريم ڪورٽ ۾ به چيف جسٽس احمد علي شيخ کي مستقل جج طور ڏسڻ نه ٿيون چاهين.
سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهو به تاثر اچي رهيو آهي ته اصل ۾ موجوده قانون وارو وزير فروغ نسيم ڪو نه ڪو قانوني رستو ڪڍي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي هميشه لاءِ ڪنڊائتو ڪرڻ چاهي ٿو. سوال آهي ته قانون واري وزير جي اها ذاتي خواهش آهي يا ان پٺيان اڃا ڪي ٻيون قوتون به آهن جيڪي چيف جسٽس کي ڪنڊائتو ڏسڻ چاهين ٿيون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هن وقت اٽڪل 10 ججن جون جايون خالي آهن.
معنيٰ مسئلو رڳو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي هٽائڻ جو نه آهي پر ان سان گڏ مرضيءَ جا 10 جج سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪرائڻ به ڪنهن جي خواهش ٿي سگهي ٿي، اٽارني جنرل خالد جاويد جي لکيل خط ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت ڪو به سنڌي ڳالهائيندڙ جج نه آهي. ان کي ئي بنياد بڻائي اٽارني جنرل خالد جاويد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.
جڏهن ته سينيارٽي لسٽ ۾ پنجين نمبر واري جج جسٽس مظهر شيخ کي اڳ ئي سپريم ڪورٽ جو جج نامزد ڪيو ويو آهي.جنهن تي به پاڪستان بارڪائونسل ۽ سنڌ بارڪائونسل احتجاج ڪيو آهي. نتيجي طور عدالتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر قانوني مونجهارن وارو ڀونچال آيل آهي. جڏهن ته چيف جسٽس احمد علي شيخ کي ڪنڊائتو ڪرڻ وارين ڪوششن مان تعصب ۽ لساني سوچ جي بوءِ به اچي ٿي ان ڪري به چيف جسٽس کي هرصورت عهدي تان هٽائڻ ۽ هميشه ڪنڊائتو ڪرڻ واريون ڪوششون ۽ سرگرميون ماٺيون نه ٿيون آهن.
هوڏانهن چيف جسٽس احمد علي شيخ جو جيڪو ميڊيا ذريعي موقف آيو آهي ته هو سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج مقرر ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي کيس جبري طور مقرر ڪيو ويو ته هو اخلاقي قانوني ويڙهه وڙهندو معنيٰ جسٽس فائز عيسيٰ کانپوءِ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ ٻيو جج هوندو جيڪو پنهنجي قانوني حق لاءِ عدالت ۾ بيٺل هوندو.