سياسي پارٽي يا ڪرائي جا سپاھي؟

تحرير: سدا حيات جلباڻي

ڪن ڪن ماڻھن توڻي تنظيمن کي ڪرائي جو سپاھي ٿيڻ جو شوق ھوندو آھي. انھن ۾ اڻويهھ سو ستيتاليھن ۾ ڏکڻ ايشيائي ننڍي کنڊ  جي ورھاڱي وقت ۽ تھان بعد به ھندوستان مان ڌڪجي اچي سنڌ پھچي وڃڻ وارا ماڻھو  شامل آھن. انھن جي تنظيم آھي ايم ڪيو ايم. ھنن ايم ڪيو ايم جي آخر ۾ لفظ  پاڪستان اھڙي ريت ڳنڍيو آھي، ڄڻ ته انھن کي اھا ڳالهه  پوءِ ڪنھن ياد ڏياري ھجي. اھي عمران خان جي وفاقي حڪومت جو حصو آھن. پر ڄڻ ته اُتي پُڙي نه ٿا سگهن. سدائين سنڌ حڪومت جي خلاف بيان بيازيون ڪندا ٿا وتن.

ھنن کي ڪرائي جو سپاھي ٿيڻ جو تازو شوق جاڳيو آھي. سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي روڪٿام خاطر ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جو حڪم جاري ڪيو آھي. سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ ويڪسين ۽ لاڪ ڊائون آزمايل علاج آھن.  سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ ۾  پيپلز پارٽي سان گڏ صرف ايم ڪيو ايم وارا نه آھن. گرينڊ ڊيموڪرٽڪ الائينس، پي ٽي آءِ اي ۽ ڪجهھ ٻيون ننڍيون پارٽيون سنڌ اسيمبليءَ جو ڀاڱو آھن. ايم ڪيو ايم وارن ڪڏھن ڪو تعميري ڪم ڪيو ئي ناھي. اھي ھر وقت تخريبڪاريءَ لاءِ تيار ھوندا آھن. سو به ٻين جي ڪرائي جي سپاھي طور. ھاڻي اھي چون پيا ته اھي ڪراچيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ بند پيل دڪان ۽ ٻيا ڪاروباري ھنڌ (زبردستي) کولرائي سگهن ٿا. جيڪڏھن عمران خان اھڙي اجازت ڏي ته. ھنن کي وري سيڪٽر ڪمانڊر ۽ نامعلوم ياد آيا آھن. جن جي زور تي اھي ڪاروباري ھنڌ  بند ڪرائي ۽ کولرائي سگهندا ھئا.

عوام کي اھا ڳالهه چڱي طرح ياد ھوندي ته  پيپلز پارٽي جي چيئرمين لنڊن ۾ ويٺل مھا دھشت  گرد کي للڪاريو ھو: پنھنجا نامعلوم ماڻھو قابو ڪر. نه ته اسين تنھنجو لنڊن ۾ جيئڻ حرام ڪري ڇڏينداسين.  پوءِ اھي ڊڄي ٻرن  ۾ لڪي ويا ھئا. سنڌ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪرڻ وارن ھٿان ھنن جا ڪاڻا، ڪن ڪٽا، لنگڙا، ڪارا، چٽا پنھنجي ھيڊ ڪوارٽر تان گرفتار ڪيا ويا ھئا.

تازو جڏھن سنڌي عوام جهنڊا کڻي رياض ملڪ پاران سنڌين جي قبضو ڪيل زمين تي اڏيل  بحريا ٽائون ڪراچي آڏو تاريخي احتجاج ڪيو ھو ته  ايم ڪيو ايم وارا بحريا ٽائون جي مالڪي ڪرڻ لاءِ پھچي ويا ھئا. پر ٽائون ۾ رھائش رکڻ  وارن ھنن کي کنگهيو به نه ھو. اھي اتان ڦِڪڙا ٿي واپس موٽي ويا ھئا. ڇو جو سڀني ڄاتو ٿئي ته ھنن جو ”ڏنگ نڪري“ چڪو آھي.

وري تعصب ڀري ڳالهه ڪندي چون پيا ته ڪراچي جي ماڻھن بابت دادو جي ماڻھن جو فيصلو برداشت نه ڪندا. ھنن کي خبر ھجڻ کپي ته ڪراچي اصل ۾ ڪولاچي آھي. جيڪو ان حقيقت جو ثبوت آھي ته ڪراچي ايامن کان سنڌ واسين جي آھي ۽ سنڌين جي ئي رھڻي آھي.

دادو دادو ڪرڻ وارا ميانوالي وارن جي سڄي ملڪ تي حڪومت ڪھڙي ريت برداشت پيا ڪن ؟ اھي اھا ڳالهه ڪيئن ٿا وساري ويھن ته دادو جي عوام  ھنن جي مرشد ڊڪٽيٽر جنرل ضياء الحق کي سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو ھو؟ ھنن ماڻھن  کي گهرجي ته دادو جي پير الاھي بخش جا ٿورا به ياد رکن. جنھن  ھندوستان مان تڙجي آيلن لاءِ سڄي پير الاھي بخش ڪالوني (پي آءِ بي) لاءِ پنھنجي ذاتي زمين ڏيئي ڇڏي ھئي.

ايم  ڪيو ايم  جي خالد مقبول صديقي ڌڙي وارا بھادرآباد واري آفيس کي “عارضي آفيس” پيا لکن. اھو ٻڌائي سگهندا ته ان آفيس کي ”عارضي آفيس“ ڇو ٿا چون؟ ھنن جي ”مستقل آفيس“ ڪھڙي ھنڌ آھي؟ ھنن کي ڪيڏانھن واپس ٿيڻو آھي؟ ھنن کي کپي ته  ھڪ جاءِ تي  ھٿيڪا ٿي ويھن، پوءِ ٻيون ڳالههيون ڪن. ائين نه ٿئي ته ھنن کي سدائين پنھنجي سامان (؟) جون ڳٺڙيون مٿي تي ھجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.