اولمپڪس ۽ پاڪستان

تحرير: ماجد حيدري

اولمپڪس عالمي راندين جو هڪ اهڙو فورم آهي جتي سڄي دنيا جون قومون گڏجي هڪ اهڙي خوبصورت دنيا اڏين ٿيون جيڪي گڏيل ايڪي، اتحاد ۽ ثقافتي محاذن تي هڪ ٻئي  جي ويجهو اچي پيار، پريت ۽ امن جا بنياد رکن ٿيون.

اولمپڪس چئن سالن ۾ هڪ دفعو منعقد ٿينديون آهن جنهن جو بنياد اوئلي تاريخ جي حساب سان ۷۷٦ قبل مسيح روم جي هرڪيولس هٿان پيو جيڪو سلسلو لڳاتار هر چئن سالن ۾ هڪ دفعو ۱۲۰۰ سالن تائين جاري رهيو جنهن بعد اولمپڪس جون رانديون ۳۹۳ قبل مسيح رومي بادشاه ٿيوڊوسيئز هٿان اهو چئي بند ڪرايون ويون هيون ته رانديون مذهبي عقيدن وچ ۾ رڪاوٽ وجهن ٿيون.

جديد تاريخي حوالي سان ۱۸۹۰ع ۾ فرانس ۾ باضابطا هڪ يورپين تنظيم يو ايس ايف ايس اي جوڙي اولمپڪس جي راندين جي وري شروعات ڪئي وئي جنهن ۾ ڏسندي هي ڏسندي سڄي دنيا شامل ٿي وئي ۽ دنيا جا مختلف ملڪ پنهنجي پرڏيهي پاليسين کان مٿانهون ٿي نج گڏيل عزت ۽ وقار جي بنيادي تي هي رانديون ۱۳۲۹ سالن کان جاري رکندا اچن.پاڪستان باضابطا طور اولمپسڪس ۾ ۱۹۴۸ ۾ شامل ٿيو ۽ سندن حصي ۾ پهرين ڪاميابي ۸ سالن جي جهدوجهد بعد ۱۹۵٦ ۾ حصي ۾ آئي. پاڪستان  ۷۳ سالن ۾ هن وقت تائين ڪل ۱۰ ميڊيلز ماڻي سگهيو آهي جنهن ۾ ۳ سونا ۳ چاندي ۽ ۴ ٽرامي جا ميڊلز شامل آهن. پاڪستان هاڪي راند ۾ ۸ ,۱ رسلينگ ۽ ۱ باڪسنگ راند ۾ ميڊل کٽي چڪو آهي . پاڪستان آخري ميڊل ۱۹۹۲ ۾ پنهنجي نالي ڪيو آهي جنهن جو مقصد اهو آهي ته گذريل ۳۰ سالن ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن انڊيا، ايران ۽ افغانستان جي معلومات وٺنداسين ته هن وقت پاڪستان سان گڏ آزاد ٿيندڙ ملڪ انڊيا ۳۲ ميڊلز، ايران ۷۳ ميڊلز ۽ افغانستان ۲ ميڊلز ماڻي چڪو آهي. ۲۰۲۱ جي اولپمڪس جي راندين ۾ هن وقات تائين پاڪستان ٻڙي جڏهن ته انڊيا ۴ ۽ ايران ۴ ميڊلز ماڻي چڪو آهي.

رانديون سماج جو صحت مند پهلو  هونديون آهن جنهن کي سرڪاري سرپستي ۾ ترقي ڏئي دنيا آڏو خوبصورت چهرو ظاهر ڪري سگهجي ٿو. پر بدقسمتي سان پاڪستان جيڪوگهڻ قومي ملڪ آهي جنهن ۾ هزارين سالن جي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ قومون آباد آهن تن جي قومي سوال کي رياست پاران  نظر اندازڪرڻ سبب پاڪستان پنهنجو سڄي دنيا ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند هئڻ واري تعارف کان بنه محتاج رهيو آهي توڙي جو وقت بوقت قومي سوال تي مضبوط آواز بلند ٿيندا رهن ٿا پرهميشه بنيادي مسئلن کي حل ڪراڻ بجائي آواز کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري طاقت جي زور سان ان کي چٿيو پيو ويندو.

ڌرتي گولي تي پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن جو وزيراعظم اڳوڻو عالمي ڪرڪيٽ ڪپ جو فاتح ڪپتان ۽ پاڻ کي اسپورٽس ۾ ٽرپل پي ايڇ ڊي سمجھندڙ عمران خان آهي، تنھن هوندي به راندين جي ميدان ۾ پڻ ٻين شعبن وانگي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي سو لازم آهي ته ملڪ جي اشرافيا  پاڪستان ۾ رهندڙ تاريخي قومن سان ماٽيلي ماءُ وارو رويو ختم ڪن، تعصب ۽ پنھنجا نوازي جي بنياد تي رانديگرن جي ڀرتي نه ڪئي وڃي، پنجاب کان علاوه ملڪ جي ٻين صوبن جي ھر ٽيم ۾ خاص ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي، ان سان نه صرف ماڻھن مان محرومي جو احساس ختم ٿيندو پر محنت ۽ شفافيت جي بنياد تي چونڊجي آيل رانديگر ڪاميابيءَ جو سبب به بڻجي سگھن ٿا، جيئن تازوئي ڪرڪيٽ ۾ لاڙڪاڻي جو شاهنواز ڏاهاڻي ۽ دادو جو زاھد محمود بهترين ڪارڪردگي سبب نه صرف پاڻ مڃائي سگھيا آھن پر سندن شاندار ڪارڪردگي اشرافيه لاءِ واضح پيغام آھي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کان علاوه ٻين پرڳڻن جي ٻھراڙين ۾ به تمام گھڻو ڏانءُ ۽ ٽيلينٽ موجود آھي. سرڪار کي عوام جي ڌن مان فضول شاھ خرچيون بند ڪري راندين سميت سماج سڌارڪ سرگرمين تي پيسي جو درست استعمال ڪيو وڃي ته جيئن صحت مند ماحول پيدا ٿيڻ سان خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو ٽيلينٽ به سامهون اچي ويندو پوءِ ملڪ جي وفاقي ادارن کي سنڌ ۾ ڌاڙيلن، منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن ذريعي مداخلت جي ضرور به نه پوندي ڇاڪاڻ ته ھڪ ڪتاب گھر ۽ ھڪ  راند جي ميدان سان سوين سماجي برايون پڻ ختم ٿي وينديون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.