راڻي پور واسي ڪراچي ۾فوت، صدمي پڦي دم ڏنو

راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور جي احمد پور محلي جي رھواسي  مڇي وڪرو ڪندڙ پورهيت امام ڏنو ملاح جو 25 سالہ نوجوان پٽ مھدي ڏنو ملاح  ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.جنهن جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد ڪراچي کان راڻيپور آندو ويو. جتي نوجوان جو مڙھ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.نوجوان جي وفات جو ٻڌي سندس جي پُڦي (ص) کي اوچتو دل جو دورو پئجي ويو جنهن گمبٽ اسپتال پهچايو ويو علاج دوران لاڏاڻو ڪري وئي. جنھن بعد ٻنھي جي جنازي نماز عيسولاکو امام بارگاھ ۾ ادا ڪئي وئي. جنھن ۾ برادري سميت شھر جي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي ئي سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ھڪ ئي گھر مان ٻہ لاش نڪرڻ تي ماحول سوڳوار ھيو. ۽ ھر اک آلي نظر آئي. جنھن بعد سندس جي پوئيرن سان تعزيتن جو سلسلو آبائي رھائش گاھ راڻيپور ۾ ھلندڙ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.