وزيراعظم جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس، قومي معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ وفاقي وزيرن ، آرمي چيف ۽ اعليٰ فوجي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ قومي سلامتي ۽ قومي معاملن جو جائزو ورتو.

اعليٰ فوجي ۽ سياسي اڳواڻن سميت آرمي چيف قومي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا.

اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ۽ ٻينعملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير ، گهرو وزير سينيئر وزيرن شرڪت ڪئي.

شرڪت ڪندڙن کي علائقائي ۽ عالمي ، اندروني سلامتي ۽ خطرن بابت آگاھ ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ خطي جي صورتحال، والاريل ڪشمير ۽ افغان مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ ايل او سي ، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ سرحدي صورتحال ، افغانستان سان لاڳاپيل معاملن، افغانستان ۾ امن ، ٻه طرفن لاڳاپن۽ پاڪستان جي ترجيحن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ پرڏيهي وزير ، اطلاعات واري وزير ، انساني حقن واري وزير ۽ گهرو وزير تي مشتمل هڪ 5 رڪني ڪميٽي به قائم ڪئي وئي. ڪميٽي جو پهريون اجلاس سڀاڻي صبح جو پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ، حڪومتي ترجيحات ۽ قومي سلامتي جو جائزو ورتو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.