ڳڙھي ياسين ، گھوٽڪي ، راڄوخاناڻي ، ڦلجي اسٽيشن ۽ بدين جون خبرون

ڳڙهي ياسين:ڳوٺ غلام قادر بروهي جي رهواسين پاران پوليس جي ظلم خلاف احتجاج

گهوٽڪي ضلعي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا:ڄام اڪرام ڌاريجو

مهينو اڳ ڪراچي ۾ قتل ٿيل راڄو خاناڻي واسي نوجوان جي قبر ڪشائي

ڦلجي اسٽيشن:تذليل جو نشانو بڻيل ناري پاران جوابدارجي گرفتاري لاءِ احتجاج

بدين: آءِ ايڇ ايس مان نيڪالي ڏنل ملازمن پاران بحالي لاءِ مظاهرو

1

ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ غلام قادر بروهي جي رهواسين علي مراد ، مسمات مرادان ۽ معصوم ٻارڙن فياض ، بابر ، تنوير ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته شڪارپور پوليس اسان جي نوجوان شادي خان بروهي کي گرفتار ڪري غائب ڪري ڇڏيو آهي ، هنن چيو ته اسان جو ڪنهن به ڏوهاري سان واسطو نه آهي ، اسان مسڪين آهيون ، پوليس اسان سان ظلم ڪري رهي آهي ،  هنن وڌيڪ دانهيندي چيو ته اسان کي خطرو آهي ته شڪارپور پوليس اسان جي نوجوان شادي خان کي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري ماري نه ڇڏي ، هنن آء جي سنڌ ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان گهر ڪئي ته نوجوان کي آزاد ڪرائي سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي.

2

سنڌ جي صنعت، واپار، اينٽي ڪرپشن ۽ گڏيل امداد واري کاتن جي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ صوبي جي عوام جي حقيقي خدمت ڪئي آهي. هن پنهنجي دور ۾ نه رڳو نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو آهي پر رڪارڊ ترقياتي ڪم به ڪرايا آهن. مهر گروپ جي اهم اڳواڻ ايڊووڪيٽ رائو محمد لقمان ۽ سندس ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي موقعي تي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته  ايڊووڪيٽ رائو محمد لقمان، رانا دلدار ۽ سندس ساٿين کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته ڪجهه مفاد پرست سنڌ سان محبت جي دعويٰ ته ڪن ٿا پر اقتدار ۾ اچڻ باوجود هنن سنڌ جي ڪا به خدمت ناهي ڪئي. هن چيو ته ضلعي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. تعليم ۽ صحت جي شعبن ۽ بنيادي انفرااسٽرڪچر کي وڌيڪ بھتر بڻايو ويندو.

3

ھڪ مھينو اڳ ڪراچي ۾  مبينه قتل ٿي ويل راڄوخاناڻي جي نوجوان رياض قمبراڻي جي قبر ڪشائي ڪئي وئي، راڄوخاناڻي  جي مشهورقبرستان ميان شفيع محمد قبرستان ۾ سول جج ماتلي سعيد احمد اوٺو ۽ پوليس جي سخت پھري ھيٺ قبر ڪشائي ڪئي وئي ،جتي لاش جي پوسٽ مارٽم لاءِ لمس جي ميڊيڪل ٽيم پوليس سول سرجن ڊاڪٽر وقار احمد شيخ ۽ ڊاڪٽر قمبر علي شاھ  جي سربراهي ۾ موجود هئي، واقعي کان ھفتو پوءِ فوتي جي ڀا۽ زاھد قمبراڻي قتل جو شڪ ظاھر ڪندي ايف آ۽ آر داخل ڪرائي ،اھڙي ايف آ۽ آر تي قبر ڪشائي  ڪئي وئي، قبر ڪشائي بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري جزا ورتا ويا ۽ اھي جزا ليبارٽي موڪليا ويندا

4

ڦلجي اسٽيشن شھر ۾ ٻه ھفتا اڳ استاد پاران حراسان ڪري  تذليل جو نشانو بڻيل بيواھ عورت نجما پنھور دادو جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو  جڏھن ته جوابدار يعقوب پنھور جي  ضمانت رد ٿي وئي،  جوابدار  عدالت مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، تذليل جو نشانو بڻيل  بيواھ عورت مسمات نجما پنھور پنھنجي گھر ڀاتين سان گڏ ڦلجي پريس ڪلب پھچي  صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ  تعليم کاتي سان لاڳاپيل يعقوب پنھنور پاران گھر پھچي  مون کي تذليل جو نشانو بڻائي جنسي حراسان ڪيو ويو ته ڪيس داخل ڪرايو ، جوابدار  ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء  هن کي  ۽ هن جي اولاد کي بار بار مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ، هن انساني حقن جي تنظيمن ،آء جي سنڌ ۽ سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو تهجوابدار کي گرفتار ڪري کيس انصاف ڏنو وڃي

5

آئي ايڇ ايس اداري مان نيڪالي ڏنل ملازمن پاران بحالي لاءِ اعجاز عمراڻي. فراز لاکو. ارسلان آرائين. فھيمده رخسانه. حيلمه جي اڳواڻي ۾  ايوان صحافت بدين اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  مظاهرو ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بدين ۾11 سينٽرن مان 2 سئو کان وڌيڪ ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي جنھن ڪري سمورا ملازم بي روزگار ٿي ويا آهن ، ھنن چيو ته ھڪ ته مھانگائي جي دور ۾ روزگار ملڻ مشڪل بڻجي ويو آهي،  ٻيو وري روزگار تي لڳل ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، ھنن وزير اعلي سنڌ سميت صحت کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته آئي ايڇ ايس ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي فوري بحال ڪري سندن بي چيني ختم ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.