سنڌ ۾ منظم سازش تحت ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي: قادر مگسي

حيدرآباد( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جي اندر ھڪ منظم سازش  تحت ڌارين جي آبادڪاري کي ھٿي ڏني وئي آھي جنھن سبب سنڌ ۾ نه صرف آبادي جو دٻاءُ وڌڻ سبب سنڌ جي معيشت کي نقصان رسي رھيو آھي پر مسلسل ڌارين جي سنڌ ۾ آبادي ۽ کين شناختي ڪارڊ جاري ڪري وسيلن ، زمينن، روزگار ۽ ڪاروبار تي ڌارين جو قبضو ٿيندو پيو وڃي. سنڌ اندر افغانين سميت غيرقانوني طور آيل ڌارين جا روزانو ڪٽڪ بنا روڪ ٽوڪ جي داخل ٿي رھيا آھن، حڪمران انهن کي روڪڻ بدران اپاءُ وٺڻ جي بدران سھولتڪار بنيل آھن. سنڌ جي اندر بدامني، بک بي روزگاري سان گڏ ھٿيارن ، منشات ۽ انساني اسمگلنگ ۾ به ٻين علائقن آيل ڌاريا ملوث آھن. سنڌ ۾  ڌارين جي لوڌين جون ڪالونيون قائم ڪيون ويون آھن جن جا مستقبل ۾ انتھائي خراب نتيجا نڪري سگھن ٿا. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اصل ڌرتي واسين کي اقليت ۾ تبديل ڪري انھن کان حق حاڪميت وارو حق کسڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن . بحريا ٽائون جھڙا منصوبا به اھڙين سازشن جو حصو آھي ان لاءِ ھاڻي سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻو پوندو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.