فريد آباد لڳ ڀاڻج، سڳي مامي کي قتل ڪري ڇڏيو

فريدآباد  ( ن ع آ  ) فريدآباد  ويجهو ڳوٺ سوجهرو ميرواڻي ۾ پراڻي دشمني تان ڀاڻج صابرحسين  چانڊيو  پنهنجي سڳي مامي پيرسن 60  ورھين جي لياقت چانڊيو پٽ محمد عرس چانڊيو کي گھر ۾ گهڙي فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.  اطلاع تي فريدآباد  ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالقيوم کوسو، خالد احمد سوڍر پوليس ساڻ ڪري جاءِ واردات تي پھچي لاش کڻائي ميھڙ اسپتال پھچايو، جتان پوسٽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش ڳوٺ سوجهرو ميرواڻي آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو ـ جڏهن ته  جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.