ڪراچي ۾ ڦر ۽ فائرنگ جا واقعا، عورت سميت 7 ڄڻا زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن  ۾ الڳ الڳ ڦر ۽ فائرن جي واقعن ۾ ھڪ عورت سميت 7 ڄڻا پڻ زخمي ٿي پيا . پاڪستان  بازار ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون گلشن بھار افشان ھال ڀرسان اجتماع گاھ گرائونڊ تي ڦر دوران مزاحمت تي محمد دائود ولد محمد رمضان زخمي ٿي پيو . سائيٽ سپرھاء وي ٿاڻي جي حد جنجال ڳوٺ نيو سبزي منڍي ڀرسان نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ ۾ محمد سليم ولد عبدالحميد زخمي ٿي پيو . پير آباد ٿاڻي جي حد سيڪٽر 5 ڊي ۾ شيل پمپ ڀرسان گھر نمبر 74 ۾ شميم زال اختر زخمي ٿي. يوسف ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين جي وچ ۾ جھيڙي دوران فائرنگ ۾ شھمير ولد محمد عرس زخمي ٿي پيو .

 شرجيل ميمڻ سميت ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪاروائي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ شرجيل ميمڻ سميت ٻين تي فردجرم لاڳو ڪرڻ جي  ڪاروائي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏي آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 آگست تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .شرجيل ميمڻ سميت ٻياپيش ٿيا ۽ ضمانت تي آهي جڏهن ته شريڪ جوابدار عبدالسبحان پيش نه ٿيو .03

ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، فراڊ ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، عورت جي بينڪ اڪائونٽ مان 15 لک ڪڍرائيندڙ 2 جوابدار  گرفتار، ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل جي ٽيم ڪارروائي ڪري نجي بينڪ جي اڳوڻي آپريشن مينيجر عامر احمد ترين ۽ اڳوڻي يونيورسل ٽيلر ذيشان کي گرفتار ڪيو، ترجمان موجب جوابدارن خلاف ڪيس نجي بينڪ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، بينڪ انتظاميا ڄاڻايو هو ته جوابدارن عورت سڪينه جي جعلي صحيح سان  ان جي اڪائونٽ مان 14 لک 99 هزار 500 رپيا ڪڍرايا

مڪاني چونڊن بابت درخواست جي ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس آغافيصل تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ تحريڪ انصاف جي خرم شير زمان جي مڪاني چونڊون جلد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پهرين جيڪو عدالتي حڪم نامو موجود آهي ان جو جائزو وٺي ڪري پوءِ دليل ڏنا وڃن .عدالت پي آءِ ٽي جي درخواستگذارن کي عدالتي آرڊ جي جائزو وٺڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي 03

ڪراچي ۾ اي وي ايل سي جون ڪارروايون، 5 موٽرسائيڪل لفٽر گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ اي وي ايل سي پوليس جون ڪارروايون5 موٽرسائيڪل لفٽر گرفتار 4 چوري ٿيل موٽرسائيڪل  ھٿ ايس ايس پي اي وي ايل سي عارف اسلم رائو موجب پوليس شھر ۾  ڪارروائي ڪندي 5 موٽرسائيڪل لفٽرن کي گرفتار ڪري ورتو جن کان 4 چوري جون موٽر سائيڪل ھٿ ڪيون ويون آهن،گرفتار جوابدار احمد عرف ديدار ولد سڪندر، نادر ولد او خان، قادر ولد شفيق ،ساجد ولد اجمل، شبير ولد داد محمد شامل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.