ڪراچي ۾ مني چينجر جي گاڏي مان ڦر، فائرنگ، 2 گارڊ قتل، هڪ زخمي

ڪراچي ( رپورٽ :حفيظ ڦلپوٽو )  ڪراچي ۾ تيموريا ٿاـي جي حد سخي حسن جي علائقي بفر زون سيڪٽر 51 اي سنٽرل ڊي سي آفيس ڀرسان موٽرسائيڪل تي سوار ٽن نامعلوم ھٿياربندن جي گليڪسي مني ايڪسچينج  جي گاڏي تي انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ 2 سيڪيورٽي گارڊ 40 کان 45 سالن جو مقصود ۽ 30 کان 35 سالن جو شھروز ولد علي نواز قتل ٿي ويا. ۽ ھڪ سيڪيورٽي گارڊ 50 کان 55 سالن جو امتياز ولد سراج سخت زخمي ٿي پيو . واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا . اطلاع ملندي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي کي عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو پوليس پوليس جو چوڻ آهي ته  زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پوليس موجب مني چينجر جي وين گاڏي ھڪ جاءِ تان 6 ھزار ڊالر کڻي بئنڪ ۾ جمع ڪرايا هئاجوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ناڪابندي ڪري ڳولا شروع ڪري ڏني ،ايس ايس پي سينٽرل غلام مرتضيٰ تبسم چيو ته حملي آور جو انگ ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار ڇهه هو، جوابدارن کي شلوار قميض پاتل هئي، هڪ سي سي ٽي وي فوٽيج ملي آهي جنهن ۾ ڪجهه واضح ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.