ٻن سالن ۾ نيب ڪيسن جا فيصلا ٿي ويندا: شيخ رشيد

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ايندڙ ٻن سالن ۾ عام چونڊن کان اڳ نيب جي ڪرپشن ڪيسن جا  فيصلا ٿي ويندا، پ پ ۽ ن ليگ کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته توهان جهڙي نالائق اپوزيشن کي ڏسندي مون کي يقين ٿيندو پيو وڃي ته عمران خان ايندڙ 5 سال به حڪومت ڪندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته شهبازشريف کي آخرڪار مفاهمت ڏانهن وڌڻو آهي، پ پ ۽ ن ليگ هاڻي پنهنجي اصل جاءِ تي اچي ويون آهن، هن اپوزيشن کي چيو ته پهرين پنهنجو گهر ٺيڪ ڪريو، ملڪ توهان کي خاڪ ٺيڪ ڪرڻو آهي، ٻنهي پارٽين جي گهرن ۾ مفاهمت ۽ مزاحمت جي ويڙهه جاري آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان لنڊن ۾ ويٺل نوازشريف ۽ متحده باني الطاف حسين کي ملڪ واپس نٿو آڻي سگهان.

لساني سياست جو فائدو پ پ کي ٿيندو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(رپورٽر) پي ايس پي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته لساني سياست  جو فائدو پ پ کي ٿيندو آهي، ڪراچي ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پ پ  جو مقابلو قومي پارٽي ئي ڪري سگهي ٿي، اها پي ايس پي آهي، هن چيو ته سنڌين ڪڏهن جيئي سنڌ کي ووٽ ڏنو بلڪه هميشه پ پ کي ڏنو آهي، هن چيو ته شرعي ۽ دنياوي سببن ڪري پي ايس پي ڪڏهن به لساني سياست نه ڪندي، هن چيو ته  مهاجرن جي پيپلزپارٽي پي ايس پي آهي، ايم ڪيوايم بڻجڻ بعد مهاجرن جي صورتحال اوهان جي سامهون آهي، پ پ جي ظلم جو مقابلو ڪا لساني پارٽي نٿي ڪري سگهي.

ايس ايڇ اوز کي ڏنل اختيار واپس ورتا وڃن: حافظ نعيم الرحمان

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي صدر حافظ نعيم الرحمان لاڪ ڊائون تي عمل لاءِ ايس ايڇ اوز کي اختيار ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ جاگيرداراڻي سوچ ۽ رويو رکندي عوام دشمن قدم کڻي رهي آهي، هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار کي ايس ايڇ اوز کي ڏنل پاورن وارو فيصلو فوري طور تي واپس وٺڻ گهرجي، ڪورونا وبا جي بچاءِ جي نالي تي شهرين جي زندگي معطل ڪرڻ درست نه آهي، هن چيو ته حڪومت عوام تي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ دٻاءَ وجهي پئي ٻئي طرف وري ويڪسين لاءِ ڪو بهتر انتظآم نه آهي،.

ڀارت ۾ ٻارڙي اجتماعي زيادتي بعد قتل، لاش کي باهه

دهلي(م ڊ) دهلي جي ڏاکڻي اولهه واري علائقي ۾ 9 ساله ٻارڙي کي مبينه طور زيادتي جو  نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪيو ويو جنهن کانپوءِ وحشي جوابدارن نياڻي جي لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.دهلي پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي ته فارنزڪ ٽيم کي سڙيل لاش جون ٽنگون ۽ خاڪ ئي ملي.ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ويو ته زيادتي کانپوءِ قتل ڪري نياڻي جي لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ نياڻي جي ماءُ جي فرياد تي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.نياڻي جي وارثن چيو ته پوليس کين حراسان ڪري رهي آهي جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.ٻئي پاسي ٻارڙي جي وارثن ۽ دلت برادري وحشي جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيو. جڏهن ته ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي وارثن سان ملاقات ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي، دهلي جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.