ڪراچي جي 4 هنڌن تي ڊرائيو ٿرو ويڪسين سينٽر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي جي 4 مختلف هنڌن تي ڊرائيو ٿرو ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي،  جتي روزاني 5 هزار 700 ماڻهن کي ويڪسين ڪئي ويندي، سنڌ سرڪار جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪالهه ڪراچي سينٽرل ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ۽ ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن جي صورتحال جو جائزو ورتو، سينٽرل ضلعي جي گلبرگ ۾ افغاني گرائونڊ ۾  ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ ڪورنگي ۾ راشد لطيف اڪيڊمي ۽ ڪراچي اتر ضلعي ۾ حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ سينٽر قائم ڪيا ويندا، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب مرڪزي امام بارگاهه انچولي جو دورو به ڪيو جتي موبائيل اسپتال ويڪسينيشن سينٽر جي انتظام جو جائزو ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.